منامه -12 جولاءِ (اي پي پي) گهرو معاملن وارو وفاقي وزير محسن نقوي هڪ ڏينهن جي دوري تي بحرين جي گادي واري شهر منامه پهچي ويو، ايئرپورٽ تي بحرين جي هم منصب جنرل شيخ راشد بن عبدالله الخليفه سندس شاندار آجيان ڪئي. گهرو وزارت طرفان جاري بيان مطابق بحرين جي گهرو وزارت جي هيڊ ڪوارٽر منامه فورٽ پهچڻ تي گهرو وزير محسن نقوي کي گارڊ آف آنرز پيش ڪيو ويو. …
وفاقي گهرو وزير هڪ ڏينهن جي دوري تي منامه پهچي ويو، بحرين جي هم منصب سان ملاقات

مزید خبریں
منامه -12 جولاءِ (اي پي پي) گهرو معاملن وارو وفاقي وزير محسن نقوي هڪ ڏينهن جي دوري تي بحرين جي گادي واري شهر منامه پهچي ويو، ايئرپورٽ تي بحرين جي هم منصب جنرل شيخ راشد بن عبدالله الخليفه سندس شاندار آجيان ڪئي. گهرو وزارت طرفان جاري بيان مطابق بحرين جي گهرو وزارت جي هيڊ ڪوارٽر منامه فورٽ پهچڻ تي گهرو وزير محسن نقوي کي گارڊ آف آنرز پيش ڪيو ويو. گهرو وزير محسن نقوي جي پنهنجي بحريني هم منصب سان اهم ملاقات ٿي جنهن ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن ۽ سيڪيورٽي سهڪار بابت خيالن جي ڏي وٺ ٿي ۽ سيڪيورٽي سهڪار وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڀريو ويو. ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ دهشتگردي جي خاتمي، انساني اسمگلنگ جي روڪٿام ۽ منشيات جي حوالي سان ٻه طرفه شراڪت تي ڳالهه ٻولهه ٿي. ملاقات ۾ سيڪيورٽي سهڪار کي هٿي ڏيڻ، علائقائي ۽ عالمي چئلينجز کي منهن ڏيڻ ۽ بحرين پاڪستان گڏيل سيڪيورٽي ڪميٽي جي ڪم کي وڌيڪ اثرائتو بڻائڻ جي حوالي سان ڳالهيون ڪيون ويون. بحرين جي گهرو وزير پاڪستان ۽ بحرين وچ ۾ سيڪيورٽي سميت ٻين شعبن ۾ سهڪار ۽ هم آهنگي کي ساراهيندي چيو ته اوهان جو دورو ٻنهي ملڪن وچ ۾ مضبوط لاڳاپن تي ٻڌل سيڪيورٽي رابطن کي مستحڪم ڪرڻ جو موقعو آهي. پاڪستان ۽ بحرين وچ ۾ سيڪيورٽي سهڪار ۽ ڪو آرڊينيشن کي قدر جي نظر سان ڏسون ٿا. گهرو وزير محسن نقوي چيو ته بحرين ۽ پاڪستان جي گهرو وزارت وچ ۾ منشيات ۽ انساني اسمگلنگ جي روڪٿام لاءِ سهڪار وڌائڻ وقت جي ضرورت آهي. محسن نقوي بحرين جي هم منصب کي پاڪستان جي دوري جي دعوت ڏني ۽ بحرين جي گهروو زارت ۾ رکيل ڪتاب ۾ پنهنجا تاثر به لکيا. بحرين جي نائب گهرو وزير ميجر جنرل عادل بن خلفيه بن حماد، چيف آف پبلڪ سيڪيورٽي، سينئر عسڪري آفيسر، بحرين ۾ پاڪستان جو سفير ثاقب رئوف، ڊپٽي هيڊ آف مشن ۽ اعليٰ سفارتي اختياريون به ان موقعي تي موجود هيون.











