ويٽنام -12 جولاءِ (اي پي پي) واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان چيو آهي، ته پاڪستان ۽ ويٽنام وچ ۾ واپاري لاڳاپن ۾ اضافي لاءِ جامع حڪمت عملي تحت قدمن کي يقيني بڻايو پيو وڃي، ويٽنام وڏي معاشي مارڪيٽ آهي جنهن جي سالياني معاشي اوسر واري شرح 7 سيڪڙو کان وڌيڪ آهي، ٻنهي ملڪن جي واپاري تجربن مان فائدو حاصل ڪرڻ جا خواهشمند آهيون، ٻنهي ملڪن جي سيڙپڪار ۽ …
پاڪستان ۽ ويٽنام ۾ واپاري لاڳاپن کي هٿي وٺائڻ، گڏيل واپار ۽ روانگي واپار ۾ اضافو ڪنداسين: وفاقي وزير ڄام ڪمال خان

مزید خبریں
ويٽنام -12 جولاءِ (اي پي پي) واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان چيو آهي، ته پاڪستان ۽ ويٽنام وچ ۾ واپاري لاڳاپن ۾ اضافي لاءِ جامع حڪمت عملي تحت قدمن کي يقيني بڻايو پيو وڃي، ويٽنام وڏي معاشي مارڪيٽ آهي جنهن جي سالياني معاشي اوسر واري شرح 7 سيڪڙو کان وڌيڪ آهي، ٻنهي ملڪن جي واپاري تجربن مان فائدو حاصل ڪرڻ جا خواهشمند آهيون، ٻنهي ملڪن جي سيڙپڪار ۽ واپاري وفدن کي هر ممڪن سهولت فراهم ڪئي ويندي، ويٽنام سان واپار ۽ روانگي واپار ۾ اضافو ڪنداسين، پاڪستان ۽ ويٽنام جي ٽريڊ ڪميٽي کي 7 سالن کان پوءِ بحال ڪيو ويو آهي، جنهن جا هاڪاري نتيجا نڪرندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي رياض جي دوري جي موقعي تي سندس ملاقات ويٽنام جي وزيراعظم سان ٿي هئي، خوشگوار ماحول ۾ ٿيل ملاقات دوران وزيراعظم سان گڏ وفاقي وزير جڏهن ته ويٽنام جي وزيراعظم سان گڏ ان جا وزير گڏ هئا. ملاقات کان پوءِ وزيراعظم محمد شهباز شريف اسان کي ذميواري ڏني ته اسان پاڪستان ۽ ويٽنام وچ ۾ واپاري لاڳاپن ۽ واپار کي هٿي وٺائڻ لاءِ ڪم ڪيون جنهن ۾ قومي روانگي واپار تي خاص ڌيان ڏنو وڃي. هن چيو ته ويٽنام وڏي واپاري مارڪيٽ آهي جنهن جو روانگي واپار 350 ارب ڊالر کان وڌيڪ آهي، جڏهن ته ويٽنام جو گڏيل واپار 800 ارب ڊالر تائين پهچڻ وارو آهي. هن چيو ته وزيراعظم هدايت ڪئي هئي ته ويليو ايڊيشن ۽ ويٽنام جي معاشي ڪاميابين مان فائدو حاصل ڪيو ته جيئن گڏيل طور تي دستياب معاشي موقعن مان فائدا کڻي سگهجن. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ۽ ويٽنام جي واپار جي حوالي سان قائم گڏيل ٽريڊ ڪميٽي جو گذريل ڪيترن ئي سالن کان ڪو اجلاس نه ٿيو هو ۽ ستن اٺن سالن کان ان تي ڪا به اڳڀرائي نه ٿي هئي، اسان ڪميٽي جي بحالي جي ڪوشش ڪئي، منهنجو تازو دورو انهن ڪوششن جو ثمر آهي، اسان معاشي ۽ واپاري لاڳاپن کي هٿي وٺائڻ لاءِ حڪمت عملي تيار ڪئي آهي ۽ ان تي صحيحيون به ڪيون آهن. هن چيو ته دوري دوران پنهنجي هم منصبن سان ڪيتريون ئي ملاقاتون ٿيون، جن دوران ان ڳالهه تي غور ڪيو ويو ته دستياب موقعن مان ڪهڙي طرح فائدو حاصل ڪيو وڃي. هن چيو ته مان ويٽنام جي واپار ۽ سيڙپڪاري واري وزير کي پاڪستان جي دوري جي دعوت ڏني آهي، ته جيئن مختلف شعبن ۾ دستياب موقعن بابت تفصيل حاصل ڪري سگهجن، ان حوالي سان وزيراعظم جلد ئي اعليٰ سطح جو اجلاس طلب ڪرڻ وارو آهي. هن چيو ته ٻه طرفه اقتصادي لاڳاپن کي هٿي وٺائڻ لاءِ پاڪستان ۽ ويٽنام پنهنجي پنهنجي واپارين ۽ صنعتڪارن کي انهن دلچسپي وارن شعبن جي حوالي سان جامع معلومات فراهم ڪندا. هن چيو ته ڪيش ليس اڪنامي ۾ ويٽنام تمام گهڻي ترقي ڪئي آهي، ويٽنام جي مرڪزي بئنڪ جي اعليٰ عهديدارن سان ملاقاتون ٿيون آهن ته جيئن انهن جي تجربن مان فائدو حاصل ڪري سگهجي. هن چيو ته ويٽنام مختلف ملڪن جي ڪرنسي پرنٽ ڪري رهيو آهي ۽ ويٽنام جي مرڪزي بئنڪ جي عهديدار ان حوالي سان پاڪستان سان شراڪتداري ۾ دلچسپي جو اظهار ڪيو آهي. اميد آهي ته تازي دوري جا هاڪاري نتيجا نڪرندا.











