واشنگٽن-12 جولاءِ (اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي حڪم تي پرڏيهي کاتي جي 1300 کان وڌيڪ ملازمن کي برطرف ڪيو ويو. انتظاميه جو چوڻ آهي، ته اهو قدم ملازمن جي اضافي تعداد ۾ گهٽتائي آڻڻ لاءِ کنيو ويو. پرڏيهي ميڊيا آمريڪي پرڏيهي کاتي جي هڪ اهلڪار جي حوالي سان ٻڌايو ته سول سروس جي 1107 ۽ فارين سروس جي 246 سفارتي ملازمن کي برطرف ڪيو ويو. پرڏيهي کاتي …
آمريڪي صدر ٽرمپ جي حڪم تي پرڏيهي کاتي جا 1300 ملازم برطرف

مزید خبریں
واشنگٽن-12 جولاءِ (اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي حڪم تي پرڏيهي کاتي جي 1300 کان وڌيڪ ملازمن کي برطرف ڪيو ويو. انتظاميه جو چوڻ آهي، ته اهو قدم ملازمن جي اضافي تعداد ۾ گهٽتائي آڻڻ لاءِ کنيو ويو. پرڏيهي ميڊيا آمريڪي پرڏيهي کاتي جي هڪ اهلڪار جي حوالي سان ٻڌايو ته سول سروس جي 1107 ۽ فارين سروس جي 246 سفارتي ملازمن کي برطرف ڪيو ويو. پرڏيهي کاتي ۾ ڇانٽي جو اهو عمل سپريم ڪورٽ جي حڪم جي 3 ڏينهن بعد عمل ۾ آندو ويو، جنهن مطابق ٽرمپ انتظاميه کي کاتن بابت پنهنجي نئين پاليسي تي عمل جي اجازت ڏني وئي. صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي، ته هو ڊيپ اسٽيٽ کي ختم ڪرڻ چاهي ٿو، يعني طاقت جي اهڙي نيٽ ورڪس جيڪو رياستي پاليسي کان هٽي ڪري ڪم ڪندو رهيو آهي.











