ڪراچي-11 جولاءِ (اي پي پي)سنڌ جي راندين واري وزير سردار محمد بخش مهر چيو آهي ته سنڌ حڪومت سائوٿ ايشين ڪراٽي چيمپئن شپ ۾ شاندار ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ سنڌ جي رانديگرن لاءِ 6 لک رپيا انعام جو اعلان ڪيو آهي، جڏهن ته ناروي ڪپ 2025 ۾ حصو وٺڻ واري لياري فٽبال اڪيڊمي اسٽريٽ چلڊرن ٽيم کي 1 ڪروڙ 83 لک رپين جو اسپانسرشپ چيڪ فراهم ڪيو ويو آهي. اهڙو اظهار هن …
سنڌ جي راندين واري وزير سردار محمد بخش مهر سان سائوٿ ايشين ڪراٽي چيمپئن شپ ۾ شاندار ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ رانديگرن جي ملاقات

مزید خبریں
ڪراچي-11 جولاءِ (اي پي پي)سنڌ جي راندين واري وزير سردار محمد بخش مهر چيو آهي ته سنڌ حڪومت سائوٿ ايشين ڪراٽي چيمپئن شپ ۾ شاندار ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ سنڌ جي رانديگرن لاءِ 6 لک رپيا انعام جو اعلان ڪيو آهي، جڏهن ته ناروي ڪپ 2025 ۾ حصو وٺڻ واري لياري فٽبال اڪيڊمي اسٽريٽ چلڊرن ٽيم کي 1 ڪروڙ 83 لک رپين جو اسپانسرشپ چيڪ فراهم ڪيو ويو آهي. اهڙو اظهار هن ڪراچي ۾ رانديگرن سان ملاقات دوران ڪيو۔ راندين واري وزير چيو ته سنڌ جا هي نوجوان رانديگر اسان جو فخر آهن جن عالمي سطح تي پاڪستان جو نالو روشن ڪيو آهي. هن چيو ته سنڌ حڪومت راندين ۾ عورتن کي شامل ڪرڻ ۽ نوجوانن جي صلاحيتن جي حوصلا افزائي لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي. ملاقات ۾ سائوٿ ايشين ڪراٽي چيمپئن شپ ۾ پاڪستان لاءِ تمغا کٽيندڙ رانديگرن شرڪت ڪئي، جن راندين واري وزير کي پنهنجا تمغا پيش ڪيا. پاڪستاني ٽيم جي شاندار ڪارڪردگي ڏيکاريندڙن ۾ آيانا نوئل آرٿر 1 سون، سمرا اعجاز پراچا 1 برونز، عريشا نديم 1 چاندي، 1 برونز، عبدالرحمان 3 برونز ۽ سحرش تصديق 2 برونز شامل آهن. ان موقعي تي لياري فٽبال اڪيڊمي اسٽريٽ چلڊرن ٽيم پڻ راندين واري وزير سان ملاقات ڪئي، جن کي ناروي ڪپ 2025 ۾ حصو وٺڻ لاءِ مالي مدد ڏني وئي هئي. ٽيم 26 جولاءِ کان 2 آگسٽ تائين ناروي جي شهر اوسلو ۾ منعقد ٿيندڙ ٽورنامينٽ ۾ حصو وٺندي. ملاقات ۾ راندين واري سيڪريٽري عبدالعليم لاشاري، ايڊيشنل سيڪريٽري اسد اسحاق، اسسٽنٽ ڊائريڪٽر فريد علي ۽ سنڌ اولمپڪ ايسوسيئيشن جي عهديدرن احمد علي راجپوت، اصغر بلوچ ۽ ٻين شرڪت ڪئي.











