حيدرآباد-11 جولاءِ (اي پي پي)بورڊ آف روينيو سنڌ پاران جاري ڪيل پڌرائي تحت صوبي جي سمورن زرعي زمين جي مالڪن ۽ آبادگارن کي آگاهه ڪيو ٿو وڃي ته اهي پنهنجي زرعي آمدني تي محصول مقرر وقت پهرين جولائي 2024 کان 31 سيپٽمبر 2024 جي عرصي تائين جمع ڪرائين. سنڌ زرعي آمدني ٽيڪس ايڪٽ 2025 جي سيڪشن 2 جي تحت جيڪڏهن ان عرصي دوران جن ماڻهن جي خالص زرعي آمدني 12 …
بورڊ آف روينيو سنڌ پاران آبادگارن لاءِ پڌرائي

مزید خبریں
حيدرآباد-11 جولاءِ (اي پي پي)بورڊ آف روينيو سنڌ پاران جاري ڪيل پڌرائي تحت صوبي جي سمورن زرعي زمين جي مالڪن ۽ آبادگارن کي آگاهه ڪيو ٿو وڃي ته اهي پنهنجي زرعي آمدني تي محصول مقرر وقت پهرين جولائي 2024 کان 31 سيپٽمبر 2024 جي عرصي تائين جمع ڪرائين. سنڌ زرعي آمدني ٽيڪس ايڪٽ 2025 جي سيڪشن 2 جي تحت جيڪڏهن ان عرصي دوران جن ماڻهن جي خالص زرعي آمدني 12 لک رپين کان وڌيڪ هجي يا اهڙا ماڻهو جن جي ملڪيت ۾ 50 ايڪڙ يا ان کان وڌيڪ نهري (آبپاشي) زمين يا 100 ايڪڙ يا ان کان وڌيڪ باراني زمين يا نهري ۽ باراني زمين جيڪو 50 ايڪڙ نهري زمين جي برابر يا ان کان وڌيڪ هجي (هڪ ايڪڙ نهري زمين کي 2 ايڪڙ باراني زمين جي برابر شمار ڪيو ويندو ) يا اهڙو شخص جنهن جي ڪل زرعي آمدني ان حد جي برابر يا ان کان وڌيڪ هجي جنهن تي زرعي آمدني ٽيڪس قابل ادائيگي هجي ته اهڙو شخص فارم”A” ۾ پنهنجي مڪمل زرعي آمدني جي محصول 30 سيپٽمبر2025 تائين جمع ڪرائڻ جو پابند هوندو، ٻي صورت ۾ قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي.











