اسلام آباد-03 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين رانا مشهود احمد خان نوجوانن کي راندين ذريعي بااختيار بنائڻ جي اهميت کي اجاگر ڪندي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ بين المحڪماتي تعاون کي يقيني بنائڻ جي ضرورت تي زور پڻ ڀريو ته جيئن ان راندين جو معيار عالمي سطح موجب هئڻ گهرجي ۽ـ رانديگرن جي فلاح بهبود کي يقيني بنائي سگهجي. وزيراعظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين جي صدارت هيٺ فرسٽ نيشنل يوٿ گيمز جي تيارين جي جائزي لاءِ هڪ اعليٰ سطحي اجلاس وزيراعظم آفيس ۾ منعقد ٿيو. اجلاس ۾ وفاقي ۽ صوبائي کاتن جي سينيئر آفيسرن، پاڪستان اولمپڪ ايسوسيئيشن جي نمائندن سميت مختلف اسٽيڪ هولڊرز شرڪت ڪئي. شرڪت ڪندڙن اجلاس ۾ جسماني طور ۽ آن لائن ٻنهي طريقن سان شرڪت ڪئي جيڪو هن اهم قومي ايونٽ جي ڪاميابيءَ کي يقيني بنائڻ لاءِ ملڪ گير عزم جو اهڃاڻ آهي. فرسٽ نيشنل يوٿ گيمز سيپٽمبر 25ع ۾ منعقد ٿيندا جن جو بندوبست وزيراعظم يوٿ پروگرام ۽ پاڪستان اولمپڪ ايسوسيئيشن جي سهڪار سان ڪيو پيو وڃي. هي ايونٽ پاڪستان جي راندين جي تاريخ ۾ هڪ اهم سنگ ميل آهي، ڇاڪاڻ ته 1948ع کانپوءِ هي پهريون ڀيرو آهي ته ان سطح جي قومي نوعيت جي يوٿ اسپورٽس گيمز کي منعقد ڪيو پيو وڃي. ان گيمز جو مقصد نوجوانن ۾ چٽاڀيٽي راندين جي جذبي کي ٻيهر زندهه ڪرڻ ۽ باصلاحيت رانديگرن جي سُڃاڻپ ۽ ترقيءَ لاءِ هڪ مضبوط ۽ مربوط نظام قائم ڪرڻ آهي. نيشنل يوٿ گيمز جو بنيادي مقصد پاڪستان جي نوجوان رانديگرن کي دريافت ڪرڻ ۽ انهن جي تربيت ڪرڻ کين هڪ جامع پيشيوراڻو پليٽ فارم فراهم ڪرڻ آهي ته جيئن اهي پنهنجي صلاحيتن جو ڀرپور اظهار ڪري سگهن. حڪومت ان راندين ذريعي صحتمند سرگرمين کي هٿي ڏيڻ قومي اتحاد ۽ مضبوط راندين جي نظام جو بنياد رکڻ چاهي ٿي. اجلاس ۾ رانديگرن جي چونڊ جو معيار صوبائي ۽ علائقائي مقابلن جي ڍانچي، انتظامي فني تيارين، هنڌن جي تيارين، مقامي حڪومتن سان رابطن ۽ـ تعليمي ادارن جي شموليت جهڙن اهم معاملن تي تفصيلي مشاورت ڪئي وئي، خاص توجهه شفافيت ميرٽ برابريءَ جي موقعن کي يقيني بنائڻ تي ڏني وئي. وزيراعظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين گيمز جي پُٺيان موجود وسيع ويزن تي روشني وجهندي نوجوانن کي راندين ذريعي بااختيار بنائڻ جي اهميت تي زور ڀريو. هن پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ ۽ بين المحڪماتي تعاون کي يقيني بنائڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڀريو ته جيئن ان راندين جو معيار عالمي سطح موجب ٿئي ۽ رانديگرن جي فلاح بهبود کي يقيني بنائي سگهجي.