بلوچستان جي ڪيترن ئي علائقن ۾ 5.3 شدت جو زلزلو، ڪو به نقصان نه ٿيو

اسلام آباد -29 جون (اي پي پي) بلوچستان جي اڪثر علائقن ۾ 5.3 شدت جي زلزلي جا جهٽڪا محسوس ڪيا ويا. يونائيٽيڊ اسٽيٽس جيولاجيڪل سروي طرفان فراهم ڪيل اطلاعن مطابق مقامي وقت مطابق بلوچستان جي اڪثر علائقن م صبح جو 3 لڳي 30 منٽن تي 5.3 شدت جي زلزلي جا جهٽڪا محسوس ڪيا ويا. زلزلي جو مرڪز بلوچستان ۾ واقع بارکان جي اتر اوڀر واري علائقي ۾ 60 ڪلوميٽرن جي …

اسلام آباد -29 جون (اي پي پي) بلوچستان جي اڪثر علائقن ۾ 5.3 شدت جي زلزلي جا جهٽڪا محسوس ڪيا ويا. يونائيٽيڊ اسٽيٽس جيولاجيڪل سروي طرفان فراهم ڪيل اطلاعن مطابق مقامي وقت مطابق بلوچستان جي اڪثر علائقن م صبح جو 3 لڳي 30 منٽن تي 5.3 شدت جي زلزلي جا جهٽڪا محسوس ڪيا ويا. زلزلي جو مرڪز بلوچستان ۾ واقع بارکان جي اتر اوڀر واري علائقي ۾ 60 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي هو. زلزلي کان پوءِ فوري طور تي ڪنهن به جاني يا مالي نقصان جا اطلاع نه مليا آهن، عملدار صورتحال جو جائزو وٺي رهيا آهن.

مزید خبریں