اسلام آباد – 04 – جون (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو آهي ته پاڪستان پنهنجي دفاع جو حق استعمال ڪندي ڀارتي جارحيت جو جواب ڏنو، بلاول ڀٽو زرداري جي سربراهي ۾ وفد پاڪستاني موقف اجاگر ڪرڻ جي لاءِ ٻاهرئين ملڪ دوري تي آهي، پاڪستان موثر انداز ۾ حقيقتون دنيا آڏو رکيون آهن، عالمي برادري پاڪستان جي سفارتي ڪوششن کي ساراهيو آهي، ڀارت …
پاڪستان پنهنجي دفاع جو حق استعمال ڪندي ڀارتي جارحيت جو جواب ڏنو، بلاول ڀٽو زرداري جي سربراهي ۾ وفد پاڪستاني موقف اجاگر ڪرڻ جي لاءِ ٻاهرئين ملڪ دوري تي آهي: اسحاق ڊار

مزید خبریں
اسلام آباد – 04 – جون (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو آهي ته پاڪستان پنهنجي دفاع جو حق استعمال ڪندي ڀارتي جارحيت جو جواب ڏنو، بلاول ڀٽو زرداري جي سربراهي ۾ وفد پاڪستاني موقف اجاگر ڪرڻ جي لاءِ ٻاهرئين ملڪ دوري تي آهي، پاڪستان موثر انداز ۾ حقيقتون دنيا آڏو رکيون آهن، عالمي برادري پاڪستان جي سفارتي ڪوششن کي ساراهيو آهي، ڀارت ۽ پاڪستان جي وچ ۾ ملٽري ٽو ملٽري افهام تفهيم ۽ جنگبندي برقرار آهي، ڀارتي قيادت پاران ملڪ جي اندروني مسئلن بشمول بهار ۾ ايندڙ چونڊن جي ڏس ۾ سياسي بيان بازي ڇڪتاڻ کي هوا ڏئي رهي آهي، پاڪستان جولاءِ ۾ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي صدارت سنڀاليندو. پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن چيو ته روس ۾ وفد پاڪستان جو ڪيس پيش ڪرڻ جي لاءِ موڪليو ويو، تازي ڇڪتاڻ جي دوران ترڪيه پاڪستان سان مثالي تعاون ڪيو. هن چيو ته وزيراعظم اعليٰ سطحي وفد سان گڏ مختلف ملڪن جا دورا ڪيا. نائب وزيراعظم چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ هڪ ٻئي ٽڪراءُ جو امڪان پري تائين لڳي ٿو تنهن هوندي به اسان کي چوڪس رهڻ گهرجي. هن چيو ته ٻنهي ڌرين جي وچ ۾ طئي ٿيل ”ٽائيم لائين گول پوسٽس“ تي عملدرآمد ڪيو ويو آهي جنهن سان مقصد جي خلوص يا سنجيدگي جي خبر پئي ٿي. نائب وزيراعظم محمد اسحاق ڊار ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي ۽ دفاع واري وزير جي انهن بيانن جو ذڪر ڪيو جن ۾ تازي ويڙهه کي ”رڳو هڪ ٽريلر“ قرار ڏنو ويو آهي. هن تنبيهه ڪئي ته سياسي بيان بازي اڃا به جاري آهي ۽ ان جا اندروني سبب ٿي سگهن ٿا. نائب وزيراعظم چيو ته ڪاش احساس غالب هجي، اسان دنيا کي ٻڌائي ڇڏيو آهي ته اسان امن پسند آهيون ۽ اسان جو ڌيان معاشي بحالي تي آهي پر وقار، خودمختياري ۽ علائقائي سالميت کي اولين ترجيح حاصل آهي ۽ اهو ته ڪو به تڪرار غيرمتوقع طور تي وڌي سگهي ٿو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ته پاڪستان ڳالهه ٻولهه خاص طور تي دهشتگردي جي خاتمي تي ڳالهين جي لاءِ تيار آهي جڏهن ته هن ڀارت جي سخت موقف خاص طور تي ڀارتي پرڏيهي وزير جي ان بيان تي تنقيد ڪئي ته ڀارت رڳو دهشتگردي تي مرڪوز ڳالهه ٻولهه ۾ شامل ٿيندو. نائب وزيراعظم محمد اسحاق ڊار چيو ته اسان اڳ ۾ ئي پاڪستان ۾ ڀارتي ايجنسين جي ملوث هجڻ کي بي نقاب ڪري چڪا آهيون جڏهن ته ڀارت جي سرحدن جي اندر آزاداڻي چرپر پاڪستان جي ڪنٽرول ۾ نه آهي. هن پنهنجي تازي سفارتي مصروفيتن خاص طور تي 19 مئي تي چين جي دوري جو ذڪر ڪيو جنهن ۾ افغانستان بابت ٽه ڌريي اجلاس بابت ڳالهه ٻولهه به شامل هئي. هن ترڪيه، ايران، آذربائيجان ۽ تاجڪستان جي دورن دوران انهن ملڪن سان مصروفيتن جو حوالو ڏيندي هڪ وسيع تر علائقائي پهچ جو پڻ ذڪر ڪيو. نائب وزيراعظم محمد اسحاق ڊار چيو ته پارلياماني وفد ٻاهرئين ملڪ دوري تي آهي ته جيئن پاڪستان جي موقف کي اجاگر ڪري سگهجي، پاڪستان موثر انداز ۾ حقيقتن دنيا آڏو رکيون آهن ۽ دنيا پاڪستان جي سفارتي ڪوششن کي ساراهيو آهي. محمد اسحاق ڊار چيو ته خطي ۾ بالادستي جي ڀارتي دعويٰ هوا ۾ اڏري وئي آهي، ڀارتي الزامن ۽ جارحيت جي معاملي تي چين پاڪستان جي ڀرپور حمايت ڪئي جڏهن ته تازي ڇڪتاڻ جي دوران ترڪيه پڻ پاڪستان سان مثالي تعاون ڪيو. هن چيو ته اسان جو ايران جو دورو خاص طور تي مثبت هو، ٻنهي ملڪن ٻطرفي واپار کي 10 ارب ڊالر تائين وڌائڻ ۽ خطي ۾ امن برقرار رکڻ تي اتفاق ڪيو. پاڪستاني وفد ايران جي سپريم ليڊر آيت الله علي خامنه اي سان پڻ ملاقات ڪئي جنهن پاڪستان جي علائقائي استحڪام ۽ ڪشمير مسئلي جي حل جي ڪوششن جي حمايت جو اظهار ڪيو. هن چيو ته آذربائيجان پاڪستان ۾ 2 ارب ڊالر جي سيڙپڪاري شروع ڪرڻ تي پنهنجي موقف جو ورجاءُ ڪيو آهي جڏهن ته گهڻ رخي تعاون، علائقائي سالميت ۽ علائقائي رابطن جي منصوبن بشمول ٽرانس افغان ريلوي ۽ پشاور ڪابل هاءِ وي تي ڳالهه ٻولهه جاري آهي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير هڪ سوال جي جواب ۾ سنڌ طاس معاهدي تي ڀارت جي موقف تي تنقيد ڪندي نئين دهلي پاران معاهدي تي ٻيهر ڳالهه ٻولهه ڪرڻ جي دٻاءُ کي عالمي قانونن جي خلاف ورزي قرار ڏنو. هن چيو ته پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ گذريل ٽن سالن کان لک پڙهه جاري هئي ته ان معاهدي تي نظرثاني ۽ ٻيهر ڳالهه ٻولهه جي ضرورت آهي، اسان کي ڀارت پاران آخري خط 8 اپريل تي مليو هو جنهن جو جواب اسان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڇڪتاڻ ۾ اضافي جي باوجود وقت تي ڏنو هو. هن چيو ته ان معاهدي کي هڪطرفي طور تي معطل نه ٿو ڪري سگهجي. هن چيو ته اهڙي طرح جي ڪنهن به عمل کي جنگ جي ڪارروائي تصور ڪيو ويندو. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته سعودي عرب ۽ گڏيل عرب امارات تازي ڇڪتاڻ کي گهٽ ڪرڻ ۾ ”فعال ڪردار“ ادا ڪيو. محمد اسحاق ڊار ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پاڪستان جي سفارتي ڪوششن کي عالمي سطح تي تسليم ڪيو ويو آهي، 23 اپريل کان 11 مئي تائين اسان دنيا آڏو پنهنجو موقف بيان ڪيو ۽ اسان جو بيانيو وزندار رهيو، ايف – 16 کي ڪيرائڻ سميت ڀارتي دعوائون بي نقاب ٿي ويون. هن چيو ته پاڪستان جولاءِ ۾ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي صدارت سنڀاليندو جنهن جو مرڪزي موضوع ”گهڻ رخي ۽ تڪرارن جي پرامن حل جي ذريعي عالمي امن ۽ سلامتي کي فروغ ڏيڻ“ آهي. نائب وزيراعظم چيو ته پاڪستان جو تڪرار شروع ڪرڻ جو ڪو ارادو نه آهي پر اشتعالانگيزي جي صورت ۾ ڀرپور جواب ڏينداسين، اسان ڪڏهن به جنگ شروع نه ڪئي پر اسان ڀرپور جواب ڏنو. هن تازي ويڙهه دوران 6 ڀارتي جهازن کي ڪيرائڻ جي تصديق ڪندي چيو ته انهن ۾ ٽي کان چار رافيل، هڪ ايس يو 30 ۽ هڪ يو اي وي شامل آهن.











