بک جو شڪار فلسطينين ۾ بک انتها تي پهچي وئي، گڏيل قومن جون خوراڪ جون ڪيتريون ئي ٽرڪون روڪي خالي ڪري ڇڏيون

گڏيل قومون - 2 جون (اي پي پي ) گڏيل قومن جي خوراڪ بابت اداري (ڊبليو ايف پي ) چيو آهي ته غزه ۾ بک جو شڪار فلسطينين ۾ بک انتها تي پهچي وئي آهي بکايل فلسطينين گڏيل قومن جي امدادي خوراڪ جون ڪيتريون ئي ٽرڪون روڪي خالي ڪري ڇڏيون. پرڏيهي ميڊيا ان حوالي سان ٻڌايو ته اٽي سميت امدادي سامان جون 77 ٽرڪون بک جو شڪار ماڻهن روڪيون ۽ …

گڏيل قومون – 2 جون (اي پي پي ) گڏيل قومن جي خوراڪ بابت اداري (ڊبليو ايف پي ) چيو آهي ته غزه ۾ بک جو شڪار فلسطينين ۾ بک انتها تي پهچي وئي آهي بکايل فلسطينين گڏيل قومن جي امدادي خوراڪ جون ڪيتريون ئي ٽرڪون روڪي خالي ڪري ڇڏيون. پرڏيهي ميڊيا ان حوالي سان ٻڌايو ته اٽي سميت امدادي سامان جون 77 ٽرڪون بک جو شڪار ماڻهن روڪيون ۽ سامان کڻي هلي ويا. اسرائيل جي اٽڪل 3 مهينن کان جاري ناڪه بندي فلسطينين کي ڏڪار ويجهو آڻي ڇڏيو آهي. جڏهن ته گذريل ڪجهه ڏينهن کان نرمي ڪئي وئي آهي پر امدادي تنظيمن جو چوڻ آهي ته اڃان به وڌيڪ خوراڪ ناهي پهچي رهي. عالمي خوراڪ واري اداري جو چوڻ آهي ته غزه ۾ خوراڪ جي امداد باوجود فاقن جو خدشو وڌيڪ آهي. اسان کي ماڻهن جي پريشاني گهٽائڻ ۽ اعتماد بحال ڪرڻ لاءِ ڪجهه ڏينهن لاءِ وڌيڪ خوراڪ پهچائڻ جي ضرورت آهي.