سعودي ولي عهد ۽ ڪينيڊا جي وزيراعظم جو رابطو، ٻه طرفه لاڳاپن تي ڳالهيون

رياض -31 مئي (اي پي پي) سعودي عرب جي شهزاده محمد بن سلمان ۽ ڪينيڊا جي وزيراعظم مارڪ ڪارني وچ ۾ ٽيليفونڪ رابطو ٿيو آهي، جنهن ۾ ٻه طرفه لاڳاپن تي ڳالهيون ڪيون ويون. پرڏيهي ميڊيا مطابق ٻنهي اڳواڻن سعودي عرب ۽ ڪينيڊا وچ ۾ سهڪار جي امڪانن ۽ سمورن شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي موقعن جو جائزو ورتو. رابطي دوران وچ اوڀر جي صورتحال جو جائزو ۽ خطي ۾ …

رياض -31 مئي (اي پي پي) سعودي عرب جي شهزاده محمد بن سلمان ۽ ڪينيڊا جي وزيراعظم مارڪ ڪارني وچ ۾ ٽيليفونڪ رابطو ٿيو آهي، جنهن ۾ ٻه طرفه لاڳاپن تي ڳالهيون ڪيون ويون. پرڏيهي ميڊيا مطابق ٻنهي اڳواڻن سعودي عرب ۽ ڪينيڊا وچ ۾ سهڪار جي امڪانن ۽ سمورن شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي موقعن جو جائزو ورتو. رابطي دوران وچ اوڀر جي صورتحال جو جائزو ۽ خطي ۾ پائيدار امن جي ضرورت تي اتفاق ڪيو ويو. ڪينيڊا جي آفيس پاران جاري بيان مطابق ولي عهد ۽ وزيراعظم رياض ۽ اوٽاوه وچ ۾ توانائي جي تحفظ ۽ واپار کي مضبوط بڻائڻ تي به ڳالهيون ڪيون. واضح رهي ته جسٽن ٽروڊو جي استعيفيٰ کان پوءِ ڪارني مارچ ۾ وزيراعظم جو عهدو سنڀالڻ بعد مئي جي چونڊن ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي آهي.