پاڪستان ايئرپورٽس اٿارٽي پاران پاڪستاني فضائي حدن تي ڀارتي اُڏامن تي لاڳو پابنديءَ ۾ 24 مئي تائين واڌ

اسلام آباد-23 مئي (اي پي پي) پاڪستان ايئرپورٽس اٿارٽي پاڪستاني فضائي حدن ۾ ڀارتي جهازن جي اُڏام تي پابنديءَ ۾ 24 جون تائين واڌ ڪري ڇڏي آهي. پاڪستان ايئرپورٽس اٿارٽي جي ترجمان طرفان جاري ڪيل نوٽيس موجب ڀارتي رجسٽرڊ، آپريٽڊ، ملڪيت يا ليز تي ڏنل سموريون اُڏامون پابنديءَ جي زد ۾ رهنديون. پاڪستان ايئرپورٽس اٿارٽي طرفان لاڳو پابندي ڀارتي فوجي جهازن تي به لاڳو هوندي. ترجمان چيو ته ڀارتي ايئر …

اسلام آباد-23 مئي (اي پي پي) پاڪستان ايئرپورٽس اٿارٽي پاڪستاني فضائي حدن ۾ ڀارتي جهازن جي اُڏام تي پابنديءَ ۾ 24 جون تائين واڌ ڪري ڇڏي آهي. پاڪستان ايئرپورٽس اٿارٽي جي ترجمان طرفان جاري ڪيل نوٽيس موجب ڀارتي رجسٽرڊ، آپريٽڊ، ملڪيت يا ليز تي ڏنل سموريون اُڏامون پابنديءَ جي زد ۾ رهنديون. پاڪستان ايئرپورٽس اٿارٽي طرفان لاڳو پابندي ڀارتي فوجي جهازن تي به لاڳو هوندي. ترجمان چيو ته ڀارتي ايئر لائنز يا آپريٽرز جي انتظام هيٺ ڪا به اُڏام پاڪستاني فضائي حدن کي استعمال نه ڪري سگهندي. پاڪستان ايئرپورٽس اٿارٽي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو آهي.

مزید خبریں