پاڪ فوج جي ڪارروائي دشمن جا خواب مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏيا: نفيسه شاهه

اسلام آباد-16 مئي (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ ۽ قومي اسيمبلي جي ميمبر نفيسه شاهه چيو آهي ته پاڪستان جي پائليٽن ۽ پاڪ فوج دشمن کي اهڙو جواب ڏنو جنهن سان انهن جا منصوبا مڪمل طور تي ناڪام بڻجي ويا. گذريل ڏينهن پارليامينٽ هائوس ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته دشمن جنهن اڳرائيءَ جي ڪوشش ڪئي هئي، ان کي پاڪ فوج جرئت، حڪمت ۽ مضبوط دفاعي …

اسلام آباد-16 مئي (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ ۽ قومي اسيمبلي جي ميمبر نفيسه شاهه چيو آهي ته پاڪستان جي پائليٽن ۽ پاڪ فوج دشمن کي اهڙو جواب ڏنو جنهن سان انهن جا منصوبا مڪمل طور تي ناڪام بڻجي ويا. گذريل ڏينهن پارليامينٽ هائوس ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته دشمن جنهن اڳرائيءَ جي ڪوشش ڪئي هئي، ان کي پاڪ فوج جرئت، حڪمت ۽ مضبوط دفاعي حڪمت عمليءَ ذريعي پوئتي ڌڪي ڇڏيو. نفيسه شاهه وڌيڪ چيو ته پاڪ فوج جي ڪارروائي دشمن جي خوابن کي مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏيو ۽ هاڻ هو مختلف محاذن تي ڪمزوريءَ جو شڪار ٿي چڪو آهي. هن چيو ته اسان جي پائليٽس جڏهن پنهنجي پاڪ فوج جي يونٽس سان گڏجي دشمن کي ڀرپور جواب ڏنو ته اهو جواب تاريخ جو حصو بڻجي ويو. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته انهن ڪجهه ڏينهن ۾ خطي جي حالتن ۾ وڏي تبديلي آئي آهي ۽ـ ايندڙ ڏينهن ۾ ان جا وڌيڪ اثر سامهون ايندا. سندس چوڻ هو ته دشمن کي نه صرف عسڪري ميدان ۾ جواب ڏنو ويو پر سفارتي محاذ تي به پاڪستان جي مؤثر حڪمت عملي عالمي برادريءَ جو ڌيان حاصل ڪيو آهي. هن قوم سان اتحاد ۽ يڪجهتي جو مظاهرو ڪرڻ جي اپيل ڪندي چيو ته پاڪستان جي ترقي، امن ۽ سلامتيءَ لاءِ سمورين سياسي قوتن کي هڪ صفحي تي اچڻو پوندو.