اسلام آباد-16 مئي (اي پي پي) انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن بابت وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه ڀارتي اڳرائي خلاف شاندار فتح تي هٿياربند فوج کي خراجِ تحسين پيش ڪيو آهي. گذريل ڏينهن شڪراني جي ڏهاڙي جي موقعي تي هن پاڪستاني عوام جي يڪجهتي سان ان تاريخي ۽ باوقار ردِعمل تي الله تعاليٰ جو شڪريو ادا ڪيو. هن وزيراعظم شهباز شريف جي ڏور رس اڳواڻي ۽ هٿياربند فوج جي سربراهن …
وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه پاران ڀارتي اڳرائي خلاف شاندار فتح تي هٿياربند فوج کي خراجِ تحسين پيش، شهيدن کي خراجِ عقيدت

مزید خبریں
اسلام آباد-16 مئي (اي پي پي) انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن بابت وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه ڀارتي اڳرائي خلاف شاندار فتح تي هٿياربند فوج کي خراجِ تحسين پيش ڪيو آهي. گذريل ڏينهن شڪراني جي ڏهاڙي جي موقعي تي هن پاڪستاني عوام جي يڪجهتي سان ان تاريخي ۽ باوقار ردِعمل تي الله تعاليٰ جو شڪريو ادا ڪيو. هن وزيراعظم شهباز شريف جي ڏور رس اڳواڻي ۽ هٿياربند فوج جي سربراهن جن ۾ سپهه سالار جنرل سيد عاصم منير، ايئر مارشل ظهير بابر سڌو ۽ چيف آف نيول اسٽاف ايڊمرل نويد اشرف شامل آهن جي اڳواڻيءَ ۾ پاڪ فوج جي بي مثال بهادري ۽ پيشيوراڻي مهارت جي تعريف ڪئي. وفاقي وزير سپاهين ۽ شهيدن کي خراجِ عقيدت پيش ڪيو جن جي قربانين عيوض ملڪ جي خودمختياري ۽ سلامتيءَ کي يقيني بڻايو.











