ڪوئيٽه-09 مئي (اي پي پي) ڪوئيٽه ۾ مقرر اسلامي جمهوريه ايران جي نگران قونصل جنرل علي رضا رجائي چيو آهي ته خطي جون حالتون ۽ پاڪستان ڀارت وچ ۾ ڇڪتاڻ جي ڪيفيت ڪنهن جي مفاد ۾ ناهي. ايراني پرڏيهي وزير سيد عباس عراقچي پنهنجي پاڪستان ۽ ڀارت جي دؤري دوران ڇڪتاڻ گهٽ ڪرڻ تي زور ڀريو آهي. هن وقت خطي کي اڳتي وڌڻ لاءِ امن محبت جي ضرورت آهي. اها ڳالهه هن ڪالهه سفير مسجد ڪوئيٽه ۾ قاري نعيم الرحمان نورزئي سان ملاقات ۽ جمعي جي نماز جي ادائگيءَ کان پوءِ پنهنجي مختصر خطاب ۾ چئي. هن مسلم اُمت وچ ۾ عوامي رابطن کي هٿي ۽ اسلامي حڪومت جي تعاون تي زور ڀريندي ايران پاڪستان ۽ افغانستان وچ ۾ دوستاڻن رابطن کي هٿي ڏيڻ ۽ واپار ۾ واڌ کي عوامي مفاد لاءِ لازمي قرار ڏنو. عالمي طاقتون پنهنجي وچ ۾ بارڊرز جي خاتمي تي عمل پيرا آهن، جڏهن ته ان خطي ۾ سرحدن تي مشڪلاتون ۽ چئلينجز پيدا ڪيا پيا وڃن. هن چيو ته اسلام دشمن قوتون هرگز نٿيون چاهين ته مسلمان پاڻ ۾ ويجهو ٿي هڪ طاقت بڻجن.