راولپنڊي-09 مئي (اي پي پي) مودي حڪومت گمراهه ڪندڙ پروپيگنڊا بي نقاب ڪرڻ تي عالمي ميڊيا جي ادارن ۽ سوشل ميڊيا ايڪٽيوسٽ سميت 8 هزار کان وڌيڪ ايڪس اڪائونٽ بلاڪ ڪرڻ جو ايگزيڪيوٽو آرڊر جاري ڪري ڇڏيو. ميڊيا رپورٽن موجب گمراهه ڪندڙ پروپيگنڊا بي نقاب ٿيڻ تي سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس به ڀارتي جارحيت جي لپيٽ ۾ اچي چڪو آهي. تاريخ گواهه آهي ته ڀارتي ميڊيا هميشه گمراهه ڪندڙ پروپيگنڊا ڪندي صحافتي قدرن کي پائمال ڪيو. ڀارتي ميڊيا هميشه مودي جي نفرت واري سياست ۽ ڪوڙ جي پرچار ڪئي. پهلگام فالس فليگ بي نقاب ٿيڻ ۽ سوشل ميڊيا تي رد عمل سان ڀارتي حڪومت شديد بوکلاهٽ جو شڪار ٿي چڪي آهي، مودي حڪومت سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس کي 8000 کان وڌيڪ اڪائونٽس بلاڪ ڪرڻ جو ايگزيڪيٽو آرڊر جاري ڪري ڇڏيو. ڀارتي حڪم ۾ عالمي ميڊيا جي ادارن ۽ سوشل ميڊيا ايڪٽوئسٽ جي اڪائونٽن به پابندي ۾ شامل آهن. ايڪس انتظاميه جو چوڻ آهي ته وڌيڪ ڀارتي حڪمن ۾ مواد جي وضاحت ۽ قانوني جواز فراهم ناهي ڪيو ويو، ڀارت اهو نه ٻڌايو ته انهن اڪائونٽس ڪهڙن ڪهڙن ڀارتي قانونن جي خلاف ورزي ڪئي آهي. ايڪس انتظاميه جو چوڻ آهي ته اڪائونٽس جي مڪمل بندش اظهار جي راءِ جي آزادي تي حملو آهي. ايڪس سمورا قانوني رستا ڳولي رهيو آهي. سياسي ماهرن جو چوڻ آهي ته ڀارتي حڪم نامو انهن اڪائونٽن خلاف آهي جيڪي ڀارتي حڪومت ۽ فوج جي ڪوڙ کي بي نقاب ڪن ٿا. هن چيو ته ايڪس اڪائونٽس جي بندش سان سڀ کان وڏي نام نهاد جمهوريت ڀارت جو اصل چهرو بي نقاب ٿي ويو آهي.