اسلام آباد – 04 اپريل (اي پي پي) آءِ سي سي وومين ڪرڪيٽ ورلڊڪپ 2025ع ۾ شرڪت لاءِ ٿائيلينڊ جي وومينز ڪرڪيٽ ٽيم پاڪستان پهچي وئي. ٿائيلينڊ جي ٽيم پاڪستان جي عورتاڻي ڪرڪيٽ ٽيم خلاف وارم اپ ميچ سان پنهنجي تيارين جي شروعات ڪري ڇڏي آهي. ڊي اينڊ نائٽ ميچ ايل سي سي اي گرائونڊ ۾ کيڏي وئي. واضح رهي ته پاڪستان وومينز ڪرڪيٽ ٽيم جي هيڊ ڪوچ محمد وسيم جو چوڻ آهي ته آءِ سي سي وومينز ڪرڪيٽ ورلڊڪپ ڪواليفائر لاءِ قومي ٽيم جي تياري تمام سٺي آهي. ٿائيلينڊ جي وومينز ڪرڪيٽ ٽيم آءِ سي سي وومين ڪرڪيٽ ورلڊڪپ ڪواليفائر 2025ع ۾ پنهنجي مهم جي شروعات 10 اپريل تي بنگلاديش جي وومينز ٽيم خلاف ميچ سان ڪندي.