اسلام آباد – 11 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته سمنڊ پار پاڪستانين رڪارڊ مٽاسٽا جو ناڻو پاڪستان موڪليو، پاڪستان جا معاشي انگ اکر مثبت ٿي رهيا آهن، دوست ملڪ پاڪستان جي معاشي ترقي جا معترف آهن، پاڪستان جي مفاد جي لاءِ جيڪي به قدم کڻڻا پيا، کڻنداسين، تعمير ۽ ترقي جو سفر جاري رهندو. ناڻي واري وفاقي وزير …
سمنڊ پار پاڪستانين رڪارڊ مٽاسٽا جو ناڻو پاڪستان موڪليو، پاڪستان جا معاشي انگ اکر مثبت ٿي رهيا آهن: عطاءُ الله تارڙ

مزید خبریں
اسلام آباد – 11 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته سمنڊ پار پاڪستانين رڪارڊ مٽاسٽا جو ناڻو پاڪستان موڪليو، پاڪستان جا معاشي انگ اکر مثبت ٿي رهيا آهن، دوست ملڪ پاڪستان جي معاشي ترقي جا معترف آهن، پاڪستان جي مفاد جي لاءِ جيڪي به قدم کڻڻا پيا، کڻنداسين، تعمير ۽ ترقي جو سفر جاري رهندو. ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب سان صحافين سان اهم ڳالهه ٻولهه ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اوورسيز پاڪستانيز ساراهه جوڳا آهن، جن رڪارڊ مٽاسٽا جو ناڻو پاڪستان موڪلي ملڪي ذخيرن ۾ اضافو ڪيو. هن چيو ته پاڪستان جا مجموعي معاشي انگ اکر مثبت ٿي رهيا آهن، دوست ملڪ پاڪستان جي معاشي ترقي جا معترف آهن، مهانگائي ۾ گهٽتائي اچي رهي آهي، ميڪرو اڪنامڪ انڊيڪيٽرز بهتر ٿيا آهن، پرڏيهي ناڻي جي ذخيرن ۾ اضافو ۽ مٽاسٽا جو ناڻو بهتر ٿيو آهي. مهانگائي ساڍا 9 سالن جي گهٽ ترين سطح تي اچي وئي آهي جيڪا تمام وڏي ڪاميابي آهي. وفاقي وزير چيو ته ترڪيه جو صدر رجب طيب اردوان جڏهن پاڪستان آيو ته هن پاڪستاني معيشت جي بهتري ۽ ان ڏس ۾ وزيراعظم ۽ فنانس ٽيم جي ڪوششن کي ساراهيو، ازبڪستان جي صدر پريس ڪانفرنس دوران پاڪستان جي معيشت کي ساراهيو. هن چيو ته پاڪستان جي معيشت ڊيفالٽ جي ويجهو کان استحڪام ۽ هاڻي گروٿ طرف وڌي رهي آهي، ان جو عوام کي فائدو پهچڻ شروع ٿي ويو آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته کنڊ جي حوالي سان وزيراعظم جيڪي قدم کنيا اهي تاريخ ۾ ڪڏهن نه کنيا ويا، سيلز ٽيڪس جي وصولي هڪ سال جي اندر 15 ارب کان 24 ارب رپين تائين پهچي وئي آهي، ان تي تمام گهڻو ڪم ٿيو آهي. ايف بي آر سان ايف آءِ اي ۽ آءِ بي جي ٽيمن گڏجي ملز جي اسڪروٽني ڪئي ۽ جديد ٽيڪنالاجي متعارف ڪرائي جنهن ۾ سي سي ٽي وي ڪئميرا، مانيٽرنگ سسٽم، هيومن انٽيليجنس سمسيت ملز جي اندر بيگز تي اسٽيمپس هڻڻ شامل آهي ته جيئن ذخيره اندوزي ۽ اسمگلنگ نه ٿي سگهي. وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف پرائيس ڪنٽرول مڪينزم جي حوالي سان ميٽنگ ڪئي ۽ اسلام آباد جي حوالي سان هن وڏي سختي سان هدايتون جاري ڪيون ۽ وزيرن جون مانيٽرنگ ٽيمون ٺاهيون جيڪي بازارن ۽ دڪانن تي وڃي باقاعده ريٽ لسٽ چيڪ ڪن ۽ وڌيڪ اگهه وٺندڙن جي خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي، ڪيترن ئي ذخيره اندوزن کي گرفتار پڻ ڪيو ويو آهي. هن چيو ته اهو يقيني بڻايو پيو وڃي ته شفاف طريقي سان کاڌي پيتي جون شيون عام ماڻهو جي درن تي سٺي ۽ سستي اگهن تي پهچايون وڃن، 20 ارب رپين جو رمضان پئڪيج گذريل سال جي ڀيٽ ۾ ٽيڻ تي وڌيڪ آهي، ان ڊيجيٽل والٽ جي ذريعي ورهايو پيو وڃي. هن چيو ته پاڪستان جي مفاد ۾ جيڪي به قدم کڻڻا پيا، کڻنداسين. گذريل سال دوران جيڪي بي مثال قدم کنيا ويا هئا انهن جا اثر نظر اچي رهيا آهن، تعمير ۽ ترقي جو سفر جاري رهندو، پاڪستان جيڪا اڏار ڀري آهي اها نئين بلندين تائين پهچندي.











