اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري امبرين جان کي گريڊ 22 ۾ ترقي

اسلام آباد – 10 مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري امبرين جان کي گريڊ 22 ۾ ترقي ڏني وئي آهي، سندس تعلق انفارميشن گروپ سان آهي. اهو فيصلو نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ ٿيل اعليٰ سطحي سليڪشن بورڊ جي اجلاس ۾ ڪيو ويو. ان کانسواءِ سيڪريٽريٽ گروپ، پاڪستان آڊٽ اينڊ اڪائونٽس سروس، اڪانومسٽ گروپ، ملٽري لينڊ اينڊ ڪنٽونمينٽ گروپ، پوسٽل …

اسلام آباد – 10 مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري امبرين جان کي گريڊ 22 ۾ ترقي ڏني وئي آهي، سندس تعلق انفارميشن گروپ سان آهي. اهو فيصلو نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ ٿيل اعليٰ سطحي سليڪشن بورڊ جي اجلاس ۾ ڪيو ويو. ان کانسواءِ سيڪريٽريٽ گروپ، پاڪستان آڊٽ اينڊ اڪائونٽس سروس، اڪانومسٽ گروپ، ملٽري لينڊ اينڊ ڪنٽونمينٽ گروپ، پوسٽل گروپ، ريلوي (ڪمرشل ۽ ٽرانسپورٽيشن) گروپ جي 10 آفيسرن کي پُڻ گريڊ 21 مان گريڊ 22 ۾ ترقي ڏني وئي آهي. اعليٰ سطحي سليڪشن بورڊ جن ٻين آفيسرن کي گريڊ 21 مان 22 ۾ ترقي ڏني آهي انهن ۾ سيڪريٽريٽ گروپ مان عائشه حميره، چوڌري ظهور احمد، ڊاڪٽر نواز احمد، حماد شميمي، محمد اسلم غوري، پاڪستان آڊٽ اينڊ اڪائونٽس سروس مان شهزاد حسن، سيد محمد عمار نقوي، اڪانومسٽ گروپ مان ڊاڪٽر امتياز احمد، پوسٽل گروپ مان سميع الله خان ۽ ريلوي (ڪمرشل ۽ ٽرانسپورٽيشن) گروپ مان ريلوي وارو وفاقي سيڪريٽري سيد مظهر علي شاهه شامل آهن. ترقي حاصل ڪندڙ آفيسر جلد پنهنجي نئين عهدن جون ذميواريون سنڀاليندا.