اسلام آباد-06 مارچ (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب ٽيڪسٽائل صنعت جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ حڪومت جي عزم کي ورجائيندي چيو ته صنعتي ترقيءَ کي يقيني بنائڻ ۽ ملڪي معيشت کي مستحڪم ڪرڻ لاءِ ٽيڪس، توانائي ۽ مالياتي معاملن بابت اهم مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ قدمن جو سلسلو جاري آهي. هن اها ڳالهه آل پاڪستان ٽيڪسٽائل ملز ايسوسيئيشن (آپٽما) جي وفد سان ملاقات دوران چئي. ناڻي واري وزير ۽ سندس ٽيم ايسوسيئيشن جي عهديدارن جي آجيان ڪئي ۽ حڪومت طرفان ٽيڪسٽائل صنعت کي هر ممڪن سهولتون فراهم ڪرڻ جي عزم کي ورجايو. ناڻي واري وزير چيو ته ٽيڪسٽائل انڊسٽري ملڪي معيشت ۾ ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکي ٿي، حڪومت ٽيڪسٽائل انڊسٽريءَ جي معيشت ۾ مُک حيثيت کي تسليم رڪي ٿي ۽ ان شعبي جي سمورن مسئلن کي سنجدگيءَ سان حل ڪرڻ لاءِ پُرعزم آهي. هن چيو ته صنعتي ترقي لاءِ موزون ماحول جي فراهمي، معيشت جي استحڪام ۽ ملڪي ترقيءَ لاءِ درپيش چئلينجز تي ضابطو آڻڻ ضروري آهي۽ حڪومت ان مقصد لاءِ ڀرپور قدم کڻي رهي آهي. وفد توانائي، ٽيڪس ۽ مالياتي معاملن بابت ڪيترن ئي اهم مسئلن تي تفصيلي بريفنگ پيش ڪئي. هنن حڪومت کي ٽيڪسٽائل انڊسٽريءَ جي ڊگهي مُدي واري استحڪام ۽ ترقيءَ لاءِ مختلف تجويزون پڻ پيش ڪيون، جن ۾ ڪاروباري لاڳت ۾ گهتتائي، توانائيءَ جي مناسب قيمتن جي فراهمي ۽ فنانسنگ بابت سهولتون شامل هيون. ناڻي واري وزير وفد جي اڳواڻن کي خاطري ڪرائي ته حڪومت سندن سفارشن تي تفصليي غور ڪندي ۽ عمل جوڳين تجويزن کي وفاقي بجيٽ ۾ شامل ڪيو ويندو. هن چيو ته حڪومت صنعتن سان مشاورتي عمل کي اهميت ڏئي ٿي ۽ جيڪڏهن موجوده پاليسي فريم ورڪ ۾ ڪي خاميون آهن ته انهن کي دُور ڪيو ويندو. آپٽا جي وفد ٽيڪس ريفنڊز جي وقت سر ادائگيءَ تي حڪومت جو ٿورو مڃيو ۽ باقي رهيل بقايائن جي ادائگيءَ ۾ وڌيڪ تعاون جي درخواست ڪئي. ناڻي واري وزير چيو ته حڪومتي صنعتي شعبي جي مسئلن کي پهرين ترجيح ڏئي رهي آهي ۽ بجيٽ ۾ سمورن لاڳاپيل حصيدارن جي راين کي شامل ڪري انهن جي خدشن کي مؤثر طريقي سان حل ڪيو ويندو. هن وڌيڪ چيو ته حڪومت نجي شعبي ۽ صنعتي نمائندن سان مشاورت جاري رکندي ته جيئن معيشت کي ترقي جي راهه تي گامزن ڪري سگهجي ۽ صنعتي ترقيءَ کي درپيش رڪاوٽن کي اثرائتي طريقي سان ختم ڪري سگهجي.