نئين دهلي _ 28 فيبروري (اي پي پي) بورڊ آف ڪنٽرول فار ڪرڪيٽ ان انڊيا (بي سي سي آئي) جي انتظام هيٺ پريميئر ليگ (ڊبليو پي ايل) جو ٽيون ايڊيشن ڀارت ۾ شروع ٿي چڪو آهي جنهن دوران ڪرڪيٽ مداحن کي انتهائي دلچسپ ۽ سخت مقابلا ڏسڻ لاءِ ملي رهيا آهن. وومينز پريميئر ليگ ۾ (اڄ) ڇنڇر تي وڌيڪ هڪ ميچ کيڏي ويندي جنهن ۾ دهلي ڪيپٽلز ۽ رائل چيلينجرز بنگلور جي وومينز ٽيمن وچ ۾ ايم چنا سوامي اسٽيڊيم، بنگلور ۾ مقابلو ٿيندو. دهلي ڪيپٽلز جي وومين ٽيم کي مشهور آسٽريلوي رانديگرياڻي بيٽميگ ليننگ ليڊ ڪندي جڏهن ته رائل چيلينجرز بنگلور جي ٽيم جي اڳواڻي سمرتي مندانا ڪندي.