اسلام آباد – 28 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته نون وفاقي وزيرن، مملڪتي وزيرن ۽ صلاحڪارن جي چونڊ قابليت ۽ صلاحيتن جي بنياد تي ڪئي وئي آهي، اسان سڀ الله تعاليٰ ۽ عوام جي عدالت ۾ جوابده آهيون، ڪابينا ميمبرن جي ڪارڪردگي جو باقاعده پاڻ جائزو وٺندس. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن ناشتي تي وفاقي وزيرن، مملڪتي وزيرن ۽ صلاحڪارن سان ڳالهائيندي ڪيو. وزيراعظم وفاقي ڪابينا جي نئين ميمبرن جي اعزاز ۾ ناشتي جو اهتمام ڪيو. هن چيو ته توهان سڀني جي چونڊ توهان جي قابليت ۽ صلاحيتن جي بنياد تي ڪئي وئي آهي، اسان سڀ الله تعاليٰ ۽ عوام عي عدالت ۾ جوابده آهيون، هڪ سال جي عرصي ۾ مهانگائي ۾ خاطرخواهه گهٽتائي، پرڏيهي ناڻي جي ذخيرن ۾ اضافو، مٽاسٽا جي ناڻي ۾ اضافو ۽ ٻيا معاشي انگ اکر ايندڙ سالن ۾ وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي لاءِ اڻٿڪ محنت جاري رکنداسين. وزيراعظم چيو ته سمورن وفاقي وزيرن ۽ ڪابينا جي ٻين ميمبرن جي ڪارڪردگي جو باقاعده جائزو آئون پاڻ وٺندس، عوامي نمائندن جي طور تي توهان سڀني جون خدمتون ساراهه جوڳيون آهن. وفاقي ڪابينا جي ميمبرن ملڪي ترقي ۽ عوامي ڀلائي جي لاءِ فعال ڪردار ادا ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ۽ تازي معاشي ترقي تي وزيراعظم کي خراج تحسين پيش ڪيو. ملاقات ۾ملڪي معاشي صورتحال ۽ سياسي معاملن تي ڳالهه ٻولهه پڻ ٿي.