اسلام آباد – 22 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته تربيت يافته اسڪائوٽس جو امن ۽ بحرانن ۾ ڪردار اهميت رکندڙ آهي، پاڪستان ۾ اسڪائوٽ تحريڪ سان نوجوانن کي اسڪائوٽنگ جي قدرن کي اختيار ڪرڻ ۽ قومي خدمت جي لاءِ پاڻ کي وقف ڪرڻ جي ترغيب ملندي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب هن اهڙن خيالن جو اظهار اسڪائوٽس جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو. وزيراعظم چيو ته اسڪائوٽس جي هن عالمي ڏينهن تي آئون پاڪستان ۽ سڄي دنيا جي اسڪائوٽس کي دلي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو ڇو ته اڄ جو ڏينهن اسان قيادت ۽ خدمت جي جذبي سان ملهائي رهيا آهيون جيڪو پوري تحريڪ جو بنياد آهي. هر سال 22 فيبروري تي سڄي دنيا ۾ اسڪائوٽس، اسڪائوٽنگ جي تحريڪجي باني لارڊ رابرٽ اسٽيفنسن سمٿ بيڊن پاول جي خدمتن کي ياد ڪريون ٿا. پاڪستان بواءِ اسڪائوٽس ايسوسيئيشن جي تاريخ ۾ نمايان ڪارڪردگي خوشي جوڳي آهي جيڪا هلندڙ سال اپريل ۾ 15هين نيشنل جمبوري جي تياري ڪري رهي آهي. وزيراعظم چيو ته ويزن 2030ع ۽ ورلڊ اسڪائوٽ بيورو جي ايشيا پيسفڪ ريجن سان تعاون سان ايسوسيئيشن عالمي حصيداري کي مضبوط بڻائڻ، پاڪستان جي لاءِ عالمي سطح تي بهترين قدمن ۽ پاڪستان جي عالمي اسڪائوٽنگ جي لاءِ خدمتن کي اجاگر ڪيو ويندو. وزيراعظم چيو ته امن ۽ بحران ۾ تربيت يافته اسڪائوٽس جو اهم ڪردار رهيو آهي. اسڪائوٽس، اسڪائوٽنگ جي نصب العين جو زندهه مثال آهي. باباءِ قوم قائداعظم محمد علي جناح اسڪائوٽنگ جي اهميت جو اعتراف ڪندي ان ڳالهه تي زور ڏنو هو ته ”هڪ محفوظ، صاف سٿري ۽ ترقي يافته دنيا جي تعمير جي لاءِ، اسان کي ماڻهو کان شروعات ڪرڻ گهرجي. اچو اسان ان کي (ماڻهو کي) نوجواني ۾ ئي تيار ڪريون ۽ ان جي اندر اسڪائوٽنگ جي نصب العين موجب پنهنجي ذات کان مٿانهون ٿي خدمت، سوچ، قول ۽ عمل ۾ پاڪيزگي پيدا ڪريون. وزيراعظم چيو ته مستقبل ۾ ان تحريڪ ۾ اسان کي جديد ۽ پرڪشش قدم متعارف ڪرائڻا پوندا جيڪي نوجوان چئلينجن کي منهن ڏيڻ، تحريڪ ۽ جدت کي فروغ ۽ ڪردار کي مضبوط بڻائڻ ۾ مدد ڪن. وزيراعظم چيو ته ميسينجر آف پيس جهڙا قدم اسڪائوٽس کي اتحاد، هم آهنگي ۽ بامعنيٰ سماجي اثرن کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ هڪ مضبوط پليٽ فارم فراهم ڪن ٿا. وزيراعظم چيو ته مون کي اميد آهي ته پاڪستان ۾ اسڪائوٽ تحريڪ ائين ئي وڌندي وجهندي رهندي جنهن سان هر ڇوڪري ۽ ڇوڪريءَ کي اسڪائوٽنگ جي قدرن کي اختيار ڪرڻ ۽ قوم جي خدمت جي لاءِ پاڻ کي وقف ڪرڻ جي ترغيب ملندي.