ڪراچي – 18 – فيبروري (اي پي پي) سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽيءَ جي آفيس آف ريسرچ، انوويشن اينڊ ڪمرشلائيزيشن (اورڪ) ۽ بزنس انڪيوبيشن سينٽر پاران سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽيءَ جي ٽالپر هائوس ۾ ”سسٽينوويشن ايڪسپو 2025“ منعقد ڪيو ويو، جنهن جو افتتاح سنڌ ايڇ اي سي جي چيئرمين ڊاڪٽر طارق رفيع سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽيءَ جي وائس چانسلر ڊاڪٽر مجيب صحرائي ۽ سنڌ حڪومت جي انفارميشن سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي ڊپارٽمينٽ جي ڊائريڪٽر جنرل ڊاڪٽر رانا شهزاد قيصر سان گڏجي ڪيو. ايڪسپو ۾ شرڪت لاءِ سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽي کي صوبي جي 25 يونيورسٽين مان 110 نامزدگيون مليون هيون، جن مان 16 يونيورسٽين جا 35 پروجيڪٽ نمائش لاءِ پيش ڪيا ويا.

ان موقعي تي منعقد ٿيل افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڊاڪٽر طارق رفيع چيو ته شاگردن جي حوصلا افزائي ۽ انهن کي انٽرپرينئرشپ جي شعبي ۾ حصو وٺڻ جو موقعو فراهم ڪرڻ لاءِ هيءَ هڪ انتهائي اهم نمائش آهي. چيئرمين سنڌ ايڇ اي سي وڌيڪ چيو ته سنڌ مدرسته يونيورسٽي صوبي جي هڪ ليڊنگ يونيورسٽي آهي، جيڪا انٽرپرينئرشپ ۽ اسٽارٽ اپس کي فروغ ڏئي رهي آهي. هن چيو ته سرڪاري شعبي جي يونيورسٽين مان هر سال لکين نوجوان گريجوئيشن ڪري رهيا آهن، پر ايترن گريجوئيٽس لاءِ ايتريون نوڪريون ناهن، تنهن ڪري هن صلاح ڏني ته بهتر آهي ته نوڪري ڳوليندڙ نوجوان انٽرپرينئرشپ جو ميدان پڻ اختيار ڪن. سنڌ ايڇ اي سي جي چيئرمين وڌيڪ چيو ته، آرٽيفيشل انٽيليجنس جي ڪري مارڪيٽ اڪنامي سُڪڙجي رهي آهي، ان حوالي سان هڪ مثال ڏيندي هن چيو ته اڄ هڪ ماڻهو چئن پنجن ماڻهن جي جاءِ تي ڪم ڪري رهيو آهي، تنهنڪري هنر، ڊگرين کان وڌيڪ اهم ٿي چڪا آهن. هن چيو ته مان شاگردن جي حوصلا شڪني نه پيو ڪريان پر انهن کي صلاح ڏيئي رهيو آهيان ته اهي هنر سکن، جيڪي اڄ جي دنيا جي ضرورت آهن. هن چيو ته ايلون مسڪ ۽ بل گيٽس اسڪول ڇڏيندڙ شاگرد هئا، پر هنن وٽ وڏي تخليقي صلاحيت هئي، جنهن جي بنياد تي هُنن وڏيون ڪاميابيون ماڻيون. ڊاڪٽر طارق رفيع تجويز ڏني ته سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽيءَ جي وائس چانسلر ڊاڪٽر مجيب صحرائيءَ کي هڪ ٿنڪ ٽينڪ ٺاهڻ گهرجي، جيڪا سنڌ مدرسه يونيورسٽي ۾ آءِ ٽي جي شعبي سان لاڳاپيل نون خيالن تي ڪم ڪري سگهي. اهڙي طرح صوبي جي ٻين يونيورسٽين کي به اسٽارٽس اپ کي اوليت ڏيڻ گهرجي، ڇو ته اڄڪلهه اهو ئي اڳتي وڌڻ جو رستو آهي. سنڌ مدرسه يونيورسٽي جي وائس چانسلر ڊاڪٽر مجيب صحرائي پنهنجي تقرير ۾ سنڌ ايڇ اي سي جي چيئرمين ڊاڪٽر طارق رفيع ۽ ڊاڪٽر رانا شهزاد قيصر کي ايڪسپو ۾ شرڪت ڪرڻ تي ڀليڪار ڪندي چيو ته سنڌ مدرسه يونيورسٽيءَ جو هيءُ اهم ايڪسپو آهي، جنهن ۾ سنڌ صوبي جون 16 يونيورسٽيون شرڪت ڪري رهيون آهن. هن چيو ته سنڌ مدرسه يونيورسٽي سال ۾ ٻه وڏا اسٽارپ اپ ايڪسپوز منعقد ڪندي آهي، جن جي ذريعي شاگردن کي سندس بهتر مستقبل لاءِ ڪاروبار جي اهم شعبي بابت سکيا ڏيڻ سان گڏ نوان پراجيڪٽس ٺاهڻ جو موقعو ڏنو ويندو آهي. هن چيو ته هي نوجوان صنعتڪار مستقبل ۾ پنهنجن جديد منصوبن ذريعي سنڌ صوبي ۽ ملڪ ۾ وڏي تبديلي آڻيندا. انفارميشن سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي ڊپارٽمينٽ جي ڊائريڪٽر جنرل ڊاڪٽر رانا شهزاد قيصر چيو ته سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽي کي هي ميگا اسٽارٽ اپ ايونٽ منعقد ڪرڻ تي ساراهجي ٿو، جنهن ۾ سنڌ جي يونيورسٽين جي وڏي تعداد شرڪت ڪئي آهي. هن چيو ته سنڌ مدرسه يونيورسٽي موجوده دور جي ضرورتن کي سمجهي رهي آهي، اهو ئي سبب آهي ته هو پنهنجي شاگردن کي تيار ڪري رهيا آهي ته اهي پنهنجا پراجيڪٽ تيار ڪن، جيڪي مستقبل ۾ سندن ڪاميابيءَ لاءِ راهه هموار ڪري سگهن ٿا. هن چيو ته سنڌ سرڪار پڻ اسٽارٽ اپس کي اوليت ڏئي رهي آهي ته جيئن نوجوان نسل انٽرپرينئرشپ جي شعبي ۾ اچي سگهن، ان کان اڳ ڊاڪٽر زاهد علي چنڙ، ڊين فيڪلٽي آف مئنيجمينٽ، بزنس ايڊمنسٽريشن اينڊ ڪامرس آجياڻي تقرير ڪئي. هن افتتاحي تقريب ۾ اورڪ جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر منصور احمد کھڙو، وائس چانسلر جي صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ خان، مختلف تعليمي شعبن جي چيئرپرسنز، مختلف انتظامي شعبن جي سربراهن، استادن ۽ شاگردن شرڪت ڪئي. آخر ۾ ڊاڪٽر مجيب صحرائي آيل مهمانن کي شيلڊون پيش ڪيون.