دوحه –14 فيبروري (اي پي پي) پولينڊ جي مشهور ٽينس اسٽار، دفاعي چيمپيئن عالمي نمبر ون ۽ ايونٽ جي سيڪنڊ سيڊڊ آئيگا سويٽيڪ پنهنجن ڪاميابين کي جاري رکندي قطر اوپن ٽينس ٽورنامينٽ جي سيمي فائنل ۾ پهچي وئي. 23 سالن جي پولينڊ جي ٽينس اسٽار ۽ ايونٽ جي دفاعي چيمپيئن آئيگا سويٽيڪ بهترين راند پيش ڪندي عورتن جي سنگلز مقابلن جي ڪواٽر فائنل ميچ ۾ قازقستان جي مخالف ايلينا ريبا ڪينا کي شڪست ڏئي سيمي فائنل رائونڊ لاءِ ڪواليفاءِ ڪيو. قطر جي گادي واري شهر دوحه جي خليفه انٽرنيشنل ٽينس اينڊ اسڪواش ڪمپليڪس ۾ ٽينس ٽورنامينٽ جا انتهائي دلچسپ مقابلا جاري آهن جنهن ۾ مداحن کي بهترين مقابلا ڏسڻ لاءِ ملندا. گذريل ڏينهن عورتن جي سنگل مقابلن جي ڪوارٽر فائنل ميچ ۾ 23 سالن جي پولينڊ جي ٽينس اسٽار ۽ ايونٽ جي دفاعي چيمپئين آئيگا سويٽيڪ بهترين راند پيش ڪندي قازقستان جي مخالف رانديگرياڻي ايلينا ريبا ڪينا کي اسٽريٽ سيٽس ۾ 6-2 ۽ 7-5 تان هارائي نه رڳو ايونٽ مان ٻاهر ڪري ڇڏيو پر ٽورنامينٽ جي ٽاپ ايٽ رائونڊ لاءِ ڪواليفائي ڪري ورتو.