اسلام آباد – 14 – فيبروري (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري بلوچستان جي علائقي شاهرگ ۾ ڌماڪي جي مذمت ڪئي ۽ ڌماڪي جي نتيجي ۾ 9 مزدورن جي فوت ٿيڻ تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر دهشتگردي جي واقعي ۾ مارجي ويلن جي پونئيرن سان تعزيت جو اظهار پڻ ڪيو. صدر ملڪ مان دهشتگردي جي خاتمي تائين ڪوششون …
صدر آصف علي زرداري پاران بلوچستان جي علائقي شاهرگ ۾ ڌماڪي جي مذمت

مزید خبریں
اسلام آباد – 14 – فيبروري (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري بلوچستان جي علائقي شاهرگ ۾ ڌماڪي جي مذمت ڪئي ۽ ڌماڪي جي نتيجي ۾ 9 مزدورن جي فوت ٿيڻ تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر دهشتگردي جي واقعي ۾ مارجي ويلن جي پونئيرن سان تعزيت جو اظهار پڻ ڪيو. صدر ملڪ مان دهشتگردي جي خاتمي تائين ڪوششون جاري رکڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. صدر ڌماڪي جي زخمين جي جلد صحتيابي جي پڻ دعا ڪئي.










