تهران -11 فيبروري (اي پي پي) ايران جي صدر مسعود پزشڪيان چيوته ڳالهين لاءِ آمريڪا جو راضپو مخلصاڻو ناهي. ميڊيا موجب صدر مسعود پزشڪيان گادي واري هنڌ تهران جي آزادي اسڪوائر تي ٽيليويزن تي نشر ٿيندڙ تقرير ۾ چيو ته جيڪڏهن آمريڪا ڳالهين لاءِ مخلص هو ته ان اسان تي پابندي ڇو هنئين؟ هن چيو ته ايران جنگ جي حق ۾ ناهي پر پرڏيهي دٻاءَ جي سامهون نه جهڪندو.
آمريڪا پاران ڳالهين لاءِ راضپو مخلصاڻو ناهي: ايران