اسلام آباد – 20 جنوري(اي پي پي) پاڪستان ۽ ويسٽ انڊيز جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ ٻن ٽيسٽ ميچن تي ٻڌل سيريز جي ٻي آخري ميچ 25 کان 29 جنوري تائين ملتان ڪرڪيٽ اسٽيڊيم، ملتان ۾ کيڏي ويندي.ويسٽ انڊيز جي ٽيم هن وقت پاڪستان جي دوري تي آيل آهي جتي اها ميزبان پاڪستان ٽيم خلاف ٻن ٽيسٽ ميچن جي سيريز کيڏندي. پهرين ٽيسٽ ميچ ۾ پاڪستان ويسٽ انڊيز جي ٽيم کي شڪت ڏني آهي. ان کان اڳ پاڪستان اي ۽ ويسٽ انڊيز جي ٽيمن وچ ۾ راولپنڊي ۾ کيڏيل ٽن ڏينهن واري وارم اپ ميچ ڊرا ٿي وئي هئي. پاڪستاني ٽيم جي قيادت شان مسعود ڪري رهيو آهي جڏهن ته ويسٽ انڊيز جي ٽيم ڪريگ براٿويٽ جي قيادت هيٺ ميدان ۾ لهندي. ٻنهي ٽيمن وچ ۾ انتهائي دلچسپ ۽ سخت مقابلي جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي.