اسلام آباد – 20 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سي ڊي اي کي جوائنٽ وينچر ۽ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ جي ذريعي جديد سهولتن سان ليس نئين هوٽلز جي تعمير جي لاءِ جامع رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته پاڪستان ۾ عالمي ڪانفرنسن ۽ ٻين سرگرمين جي انعقاد جي لاءِ هوٽلز، اسپتالن ۽ ٻين سهولتن کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي ضرورت آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ سي ڊي اي جي معاملن جي حوالي سان جائزه اجلاس ٿيو. وزيراعظم اسلام آباد ۾ تازي عالمي ڪانفرنسن ۽ ٻين تقريبن جي ڪامياب انعقاد جي حوالي سان سي ڊي اي جي ڪارڪردگي کي ساراهيو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۾ عالمي ڪانفرنسن جي شروعات سفارتي محاذ تي اسان جي ڪاميابي جي سَند آهي، مسلسل محنت سان دوست ملڪن جو پاڪستان تي اعتماد بحال ٿيو. هن چيو ته پاڪستان ۾ عالمي سطح جي ڪانفرنسن ۽ ٻين سرگرمين جي انعقاد جي لاءِ هوٽلز، اسپتالن ۽ ٻين سهولتن کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي ضرورت آهي. جديد سهولتن جي فراهمي سان ملڪ ۾ سياحت کي فروغ ملندو. وزيراعظم سي ڊي اي کي هدايت ڪئي ته جوائنٽ وينچر ۽ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ جي ذريعي جديد سهولتن سان ليس نئين هوٽلز جي تعمير جي لاءِ جامع رپورٽ پيش ڪئي وڃي. دوست ملڪن مان ايندڙ مهمانن جي لاءِ عالمي معيار جي سهولتن جي فراهمي يقيني بڻائي وڃي. وزيراعظم سي ڊي اي کي اسلام آباد جي رهواسين جي لاءِ سهولتون وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي پڻ هدايت ڪئي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته اسلام آباد ۾ غيرفعال قيمتي سرڪاري عمارتن جي بحالي ۽ نئين هوٽلز جي تعمير جي حوالي سان پري فزيبلٽي رپورٽس تيار ٿي چڪيون آهن. اجلاس ۾ اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير احد خان چيما، سي ڊي اي چيئرمين ۽ لاڳاپيل ادارن جي اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي.