اسلام آباد – 16 – جنوري (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري خيبرپختونخواهه ۾ انٽيلي جنس بيسڊ آپريشنز ۾ 22 خوارج دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر انٽيلي جنس تي ٻڌل ڪاررواين دوران فتنه الخوارج جي دهشتگردن جو خاتمو ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي بهادري کي ساراهيو. صدر چيو ته سيڪيورٽي فورسز مختلف ڪاررواين ۾ 22 دهشتگردن کي ماريو ۽ 18 کي زخمي ڪيو آهي. صدر خيبر ضلعي ۾ تخريبڪاري جي جواب ۾ خوارج جي خلاف فورسز جي ڪامياب ڪاررواين کي ساراهيو.