اسلام آباد-25 آڪٽوبر (اي پي پي)قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي نامياري وڪيٽ ڪيپر بيٽسمين محمد ضوان وڻ ڊي ميچن بعد ٽيسٽ ميچ ۾ به اهم سنگ ميل حصل ڪندي 2 ھزار رنسون مڪمل ڪري ورتيون آھن. 32 ورھين جي محمد رضوان جمعي ڏينهن انگلينڊ خلاف ٽن ميچن جي سيريز جي ٽئين ۽ فيصلائتي ٽيسٽ ميچ جي ٻئي ڏينھن پنھنجي ٽيسٽ ڪيريئر جون 2 ھزار رنسون مڪمل ڪيون. راولپنڊي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ پاڪستان ۽ انگلينڊ وچ ۾ کيڏيل سيريز جي ٽئين ٽيسٽ ميچ دوران محمد رضوان 57 ھين اننگ کيڏندي ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ 2 ھزار رنسون مڪمل ڪيون. گذريل سال محمد رضوان ورلڊ ڪپ ۾ ڏکڻ آفريقا خلاف ون ڊي ميچ کيڏڻ دوران 2 ھزار رنسون مڪمل ڪيون ھيون. پنھنجي ٽيسٽ ڪرڪٽ ۾ 2 ھزار رنسون مڪمل ڪرڻ دوران ھن 57 هين اننگ ۾ 10 ففٽيون ۽ 3 سينچريون اسڪور ڪيون ۽ سندس ڪيريئر جي بھترين اننگز ناقابل شڪست 171 رنسن جي آھي.