پيرس -09 آڪٽوبر (اي پي پي) يورپين ٽوئر جي اهتمام هيٺ اوپن ڊي فرانس اوپن گالف ٽورنامينٽ ( اڄ ) خميس کان فرانس ۾ شروع ٿيندو. ٽورنامينٽ ڪامياب نموني منعقد ڪرائڻ لاءِ تياريون جاري آهن. اهو ٽورنامينٽ مشهور گالف ايونٽ آهي جيڪو پهريون ڀيرو 1906ع ۾ کيڏيو ويو هيو. ٽورنامينٽ 71 هولز تي کيڏيو ويندو . ٽورنامينٽ ۾ ٽينس جا مشهور رانديگر ايڪشن ۾ نظر ايندا. يورپين ٽوئر جي اوپن ڊي فرانس گالف ايونٽ ۾ جاپان سان تعلق رکندڙ گالفر ريوهيساتو پنهنجي اعزاز جو دفاع ڪندو . ٽورنامينٽ لاءِ 32 لک 50 هزار آمريڪي ڊالرن جي انعامي رقم رکي وئي آهي. 10 آڪٽوبر کان شروع ٿيندڙ اهو ٽورنامينٽ 4 ڏينهن تائين جاري رهڻ کانپوءِ 13 آڪٽوبر تي پڄاڻي تي پهچندو.