اسلام آباد / جيڪب آباد - 24 آگسٽ (اي پي پي) ايران جي شهر يزد ۾ بس حادثي ۾ شهيد ٿيل زائرين جا مڙهه خصوصي جهاز وسيلي پاڪستان پهچايا ويا آهن، جيڪب آباد جي شهباز ايئر بيس تي سي ون ٿرٽي جهاز مڙهه کڻي پهتو جتي جنازي نماز ادا ڪرڻ کانپوءِ لاش وارثن حوالي ڪيا ويا، وزيراعظم محمد شهباز شريف جي هدايت تي خصوصي جهاز مڙهه کڻي اچڻ لاءِ ايران …
ايران جي شهر يزد ۾ بس حادثي ۾ شهيد ٿيل زائرين جا مڙهه خصوصي جهاز وسيلي پاڪستان پهچايا ويا، جيڪب آباد جي شهباز ايئر بيس تي سي ون ٿرٽي جهاز مڙهه کڻي پهتو، جنازي نماز ادا ڪرڻ کانپوءِ لاش وارثن حوالي، 15 زخمين کي پڻ پاڪستان آندو ويو، وزيراعظم محمد شهباز شريف جي هدايت تي خصوصي جهاز مڙهه پاڪستان آڻڻ لاءِ ايران جي شهر يزد پهتو هو
اسلام آباد / جيڪب آباد – 24 آگسٽ (اي پي پي) ايران جي شهر يزد ۾ بس حادثي ۾ شهيد ٿيل زائرين جا مڙهه خصوصي جهاز وسيلي پاڪستان پهچايا ويا آهن، جيڪب آباد جي شهباز ايئر بيس تي سي ون ٿرٽي جهاز مڙهه کڻي پهتو جتي جنازي نماز ادا ڪرڻ کانپوءِ لاش وارثن حوالي ڪيا ويا، وزيراعظم محمد شهباز شريف جي هدايت تي خصوصي جهاز مڙهه کڻي اچڻ لاءِ ايران جي شهر يزد پهتو هو. ان کان اڳ شهيد ٿيل 28 پاڪستاني زائرين جي يزد ايئرپورٽ تي جنازي نماز پڻ ادا ڪئي وئي، جنهن ۾ ايراني سپريم ليڊر جي نمائندي، يزد جي گورنر ۽ پاڪستاني سفير سميت ايراني عملدارن شرڪت ڪئي، جنهن کانپوءِ مڙهه جيڪب آباد جي شهباز ايئربيس تي آندا ويا، جتي سنڌ جي صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه لاش وصول ڪيا ۽ ايئربيس تي جنازي نماز ادا ڪئي وئي جنهن کانپوءِ لاش وارثن حوالي ڪيا ويا، جيڪب آباد جي شهباز ايئر بيس تي پونئيرن لاءِ خصوصي انتظام ڪيا ويا هئا.

واضح رهي ته ايران ۾ بس حادثي ۾ 28 پاڪستاني زائرين شهيد ۽ 23 زخمي ٿيا هئا جن مان 14 زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي، جڏهن ته 15 زخمين کي پڻ پاڪستان آندو ويو آهي. ايئر بيس تي ايمبولينس ۽ ايئر ايمبولينس جو به انتظام ڪيو ويو هو. سخت زخمين کي ايئر ايمبولينس ذريعي اسپتال منتقل ڪيو ويندو، حادثي کانپوءِ وزيراعظم محمد شهباز شريف متاثر خاندانن سان هر ممڪن تعاون جون خصوصي هدايتون جاري ڪيون هيون، تهران ۾ پاڪستاني مشن کي سمورا امڪاني قدم ۽ تعاون فراهم ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي.

ٻئي طرف نائب وزيراعظم اسحاق ڊار ايران ۾ پاڪستاني قونصل خاني کي صورتحال جو جائزو وٺڻ جي ذميواري سونپي ۽ پاڪستاني قونصل خاني زخمين کي طبي امداد جي فراهمي ۽ مقامي عملدارن سان رابطي ۽ ميتين کي پاڪستان موڪلڻ جا انتظام ڪيا. يزد کان لاڙڪاڻو تائين ڊگهي فاصلي ۽ گرم موسم سبب مڙهه جهاز ذريعي آندا ويا. ٻئي طرف پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي هدايت تي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه حادثي جي شهيدن ۽ زخمين جي مالي امداد جو پڻ اعلان ڪيو آهي.












