اسلام آباد – 28 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته دهشتگردي جي خلاف خيبرپختونخواهه جي عوام سڀ کان وڌيڪ قربانيون ڏنيون آهن، 2010ع ۾ جاري ٿيل اين ايف سي ايوارڊ تحت دهشتگردي جو شڪار ٿيڻ جي ڪري خيبرپختونخواهه صوبي کي 590 ارب رپيا هيستائين ڏنا ويا پر سي ٽي ڊي جو ادارو صوبي ۾ مڪمل نه ٿي سگهيو، خيبرپختونخواهه وانگر ٻين صوبن پڻ دهشتگردي …
دهشتگردي جي خلاف خيبرپختونخواهه جي عوام سڀ کان وڌيڪ قربانيون ڏنيون آهن، 2010ع ۾ جاري ٿيل اين ايف سي ايوارڊ تحت دهشتگردي جو شڪار ٿيڻ جي ڪري خيبرپختونخواهه صوبي کي 590 ارب رپيا هيستائين ڏنا ويا پر سي ٽي ڊي جو ادارو صوبي ۾ مڪمل نه ٿي سگهيو: وزيراعظم محمد شهباز شريف

مزید خبریں
اسلام آباد – 28 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته دهشتگردي جي خلاف خيبرپختونخواهه جي عوام سڀ کان وڌيڪ قربانيون ڏنيون آهن، 2010ع ۾ جاري ٿيل اين ايف سي ايوارڊ تحت دهشتگردي جو شڪار ٿيڻ جي ڪري خيبرپختونخواهه صوبي کي 590 ارب رپيا هيستائين ڏنا ويا پر سي ٽي ڊي جو ادارو صوبي ۾ مڪمل نه ٿي سگهيو، خيبرپختونخواهه وانگر ٻين صوبن پڻ دهشتگردي کي منهن ڏنو جڏهن ته انهن کي ان مد ۾ ڪجهه نه مليو، چيف سيڪريٽري خيبرپختونخواهه جي مقرري جي لاءِ 3 نالن جو پينل موڪليو ويو آهي ان حوالي سان صوبائي حڪومت پاران ڪو جواب ناهي آيو، جيڪڏهن ان پينل ۾ شامل نالا منظور نه آهن ته آگاهه ڪن اسان نئون پينل موڪلينداسين. قومي اسيمبلي ۾ اسد قيصر پاران اٿاريل نقطن جو جواب ڏيندي وزيراعظم چيو ته اسد قيصر احترام لائق آهي، سندس ڳالهين کي غور سان ٻڌو آهي، هن اين ايف سي جي حوالي سان ڳالهه ڪئي آهي، اين ايف سي ايوارڊ 2010ع ۾ جوڙيو ويو، ان وقت جي وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني جي سربراهي ۾ چئني صوبن گڏجي ان تي اتفاق ڪيو هو. وزيراعظم چيو ته ان وقت ملڪ ۾ دهشتگردي عروج تي هئي جنهن جو سڀ کان وڌيڪ شڪار خيبرپختونخواهه صوبو هو، اتان جي عوام عظيم قربانيون ڏنيون جن کي تاريخ ياد رکندي. هن چيو ته ان اين ايف سي ايوارڊ جو آئون به حصو هيس جنهن تي صحيحون بلوچستان ۾ ٿيون هيون. هن چيو ته ان اين ايف سي ايوارڊ ۾ صوبن جي حصي مان خيبرپختونخواهه جي لاءِ هڪ سيڪڙو حصو وڌيڪ رکيو ويو هو جيڪو اڃا تائين ان کي ملي رهيو آهي. هيستائين 590 ارب رپيا دهشتگردي جي خلاف انهن جي ڪوششن جي اعتراف ۾ مليا. انهن بنا ڪنهن شڪ جي وڏيون قربانيون ڏنيون آهن، بلوچستان سميت ٻين صوبن به وڏيون قربانيون ڏنيون جڏهن ته انهن کي ڪجهه ناهي مليو. خيبرپختونخواهه ۾ سي ٽي ڊي تائين قائم نه ٿي سگهي. 590 ارب جي باوجود سي ٽي ڊي اڻ مڪمل آهي، اسان سياست نٿا ڪرڻ چاهيون. وزيراعظم چيو ته خيبرپختونخواهه جي چيف سيڪريٽري جي مقرري جي لاءِ اسان روايت موجب ٽن نالن جو پينل صوبائي حڪومت کي ڏنو ته ان مان نالو ڏيو جڏهن ته اڃان تائين جواب ناهي آيو، جيڪڏهن انهن کي ان پينل مان ڪو نالو پسند ناهي ته آگاهه ڪن اسان ٻين نالن تي ٻڌل پينل ڏئي ڇڏينداسين.











