لندن _ 17 مئي (اي پي پي ) انگلينڊ ۽ پاڪستان جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ چار ٽي 20 انٽر نيشنل ميچن تي ٻڌل سيريز جي پهرين ميچ 22 مئي تي هيڊنگلي ۾ کيڏي ويندي . پاڪستان جي ٽيم اڄڪلهه انگلينڊ ۾ موجود آهي جتي هو ميزبان برطانوي ٽيم خلاف چار ٽي 20 ميچن تي ٻڌل سيريز کيڏندي . پاڪستاني ٽيم مشهور بيٽسمين بابر اعظم جي قيادت ميدان ۾ لهندي . جڏهن ته انگلينڊ جي ٽيم کي جوز بٽلر ليڊ ڪري رهيو آهي . انگلينڊ ۽ پاڪستان جي ٽيمن وچ ۾ چار ميچن جي سيريز جي ٻين ميچ 25 مئي تي برمنگم ، ٽين ميچ 28 مئي تي ڪارڊف ۾ کيڏي ويندي جڏهن ته چوٿين ۽ آخري ٽي 20 ميچ 30 مئي تي لندن ۾ کيڏي ويندي .