اسلام آباد – 18 – اپريل (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته حڪومت کي نوڪريون پيدا ڪرڻ، مهانگائي گهٽ ڪرڻ، ٽيڪس نيٽ وسيع ڪرڻ جي لاءِ معاشي سڌارا آڻڻا پوندا، ملڪي مسئلن جي حل لاءِ بامعنيٰ ڳالهين ۽ پارلياماني اتفاق راءِ گهربل آهي، اسان سڀني کي فيصلو ڪرڻو پوندو ته ملڪ جي لاءِ سڀ کان وڌيڪ اهم شيءَ ڪهڙي آهي، مشڪلاتن کي موقعن ۾ بدلائڻ اسان سڀني جي ذميواري آهي، مضبوط قومون مشڪلاتن کي موقعن ۾ بدلائينديون آهن. قائداعظم، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جمهوريت، رواداري ۽ سماجي انصاف جا علمبردار هئا، قائدين جي ويزن کي اختيار ڪري ملڪ کي درپيش چئلينجز کي منهن ڏئي سگهجي ٿو، پولرائيزيشن کان هٽي ڪري موجوده دور جي سياست طرف وڌڻ ملڪي ضرورت آهي، هن ايوان کي پارلياماني عمل تي عوامي اعتماد بحال ڪرڻ جي لاءِ قائداڻو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. هو پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي خطاب ڪري رهيو هو. پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس جي صدارت قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق ڪئي. سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني پڻ موجود هو. پنهنجي خطاب ۾ صدر آصف علي زرداري چيو ته پهرين پارلياماني سال جي شروعات تي سمورن ميمبرن کي چونڊجڻ تي دلي مبارڪباد ڏيان ٿو، وزيراعظم، وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن کي چونڊن ۾ ڪاميابين، ذميواريون سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏيان ٿو. هن چيو ته اعتماد ڪرڻ، ٻيو ڀيرو صدر چونڊڻ تي پارليامينٽ ۽ صوبائي اسيمبلي ميمبرن جو دل سان ٿورائتو آهيان، اڄ پارلياماني سال جي شروعات تي مستقبل جي لاءِ ويزن کي مختصر بيان ڪندس. هن چيو ته ماضي ۾ بطور صدر منهنجي اهم فيصلن تاريخ لکي، بطور صدر مون پارليامينٽ کي پنهنجا اختيار ڏيڻ جي چونڊ ڪئي، اڄ اسان جي ملڪ کي دانشمندي ۽ پختگي جي ضرورت آهي، اميد آهي ته پارليامينٽ ميمبر اختيارن جو دانشمندي سان استعمال ڪندا. صدر آصف علي زرداري چيو ته سمورن ماڻهن ۽ صوبن سان قانون موجب هڪ جهڙو سلوڪ ٿيڻ گهرجي، منهنجي راءِ ۾ اڄ هڪ نئين باب جي شروعات ڪرڻ جو وقت آهي، اڄ جي ڏينهن کي هڪ نئين شروعات جي طور تي ڏسون، پنهنجي ماڻهن تي سيڙپڪاري ڪرڻ، عوامي ضرورتن تي ڌيان ڏيڻو پوندو. هن چيو ته اسان کي پنهنجي وسيلن کي استعمال ۾ آڻيندي جامع ترقي جي راهه کولڻي پوندي، اسان وٽ ضايع ڪرڻ جي لاءِ وقت نه آهي. هن چيو ته هن ايوان جي ذريعي قوم جي پائيدار ۽ بنا رڪاوٽ ترقي جو بنياد رکڻ گهرجي، تعميري اختلاف، وڌندڙ ويجهندڙ جمهوريت جي لاڀائتي آواز کي نفع – نقصان جي سوچ سان نه الجهائڻ گهرجي، اي پي پي جي رپورٽ موجب صدر آصف علي زرداري چيو ته سوچڻو پوندو ته پنهنجي مقصدن، بيانيي ۽ ايجنڊا ۾ ڪهڙي شيءَ کي ترجيح ڏئي رهيا آهيون، سمجهان ٿو ته سياسي ماحول کي نئين سر جوڙي سگهجي ٿو، اسان حقيقي طور تي ڪوشش ڪريون ته سياسي گرمي پد ۾ گهٽتائي آڻي سگهون ٿا. صدر آصف علي زرداري چيو ته اسان سڀني کي فيصلو ڪرڻو پوندو ته ملڪ جي لاءِ سڀ کان وڌيڪ اهم شيءَ ڪهڙي آهي، مشڪلاتن کي موقعن ۾ بدلائڻ اسان سڀني جي ذميواري آهي، مضبوط قومون مشڪلاتن کي موقعن ۾ بدلائينديون آهن. هن چيو ته قائداعظم، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جمهوريت، رواداري ۽ سماجي انصاف جا علمبردار هئا، قائدين جي ويزن کي اختيار ڪري ملڪ کي درپيش چئلينجز کي منهن ڏئي سگهجي ٿو، قائدين جي ويزن موجب گڏيل احترام، سياسي مفاهمت جي فضا کي فروغ ڏئي سگهجي ٿو. صدر آصف علي زرداري چيو ته ملڪ کي درپيش چئلينجز تي ضابطو آڻڻ ناممڪن نه آهي، ملڪي مسئلن جي حل لاءِ بامعنيٰ ڳالهين، پارلياماني اتفاق راءِ گهربل آهي، بنيادي مسئلن جي حل لاءِ سخت سڌارن تي وقت سر عملدرآمد يقيني بڻائڻو پوندو. هن چيو ته ملڪ کي 21 هين صديءَ جي گهرجن سان هم آهنگ ڪرڻ جي ضرورت آهي، شهرين جي سماجي حقن، گڊ گورننس جي لاءِ سڌارن کي فروغ ڏيڻو پوندو، سياسي قيادت کي پٺتي پيل علائقن جي خاص ضرورتن کي ترجيح ڏيڻي پوندي، حڪومت نوڪريون پيدا ڪرڻ، مهانگائي گهٽ ڪرڻ، ٽيڪس نيٽ وسيع ڪرڻ جي لاءِ معاشي سڌارا آڻيندي. صدر چيو ته آئيني فريم ورڪ تحت وفاق ۽ صوبن جي وچ ۾ مثبت تعاون ۽ هم آهنگي لازمي آهي، جامع قومي ترقي، پاليسين تي عملدرآمد جي لاءِ صوبن ۽ وفاق جي وچ ۾ هم آهنگي ضروري آهي، عوامي ڀالئي جي لاءِ وفاقي نظام جي مڪمل صلاحيت کي استعمال ۾ آڻي سگهجي ٿو. صدر آصف علي زرداري چيو ته معيشت جي بحالي لاءِ سڀني کي پنهنجو حصو وجهڻو پوندو، غيرملڪي سيڙپڪاري آڻڻ اسان جو بنيادي مقصد هجڻ گهرجي، حڪومت ڪاروباري ماحول سازگار بڻائڻ جي لاءِ جامع سڌارن جي عمل کي تيز ڪري، مقامي، غيرملڪي سيڙپڪارن جي سهولت لاءِ مُشڪل قانون آسان بڻائڻا پوندا، خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل جو قيام خوش آئنده آهي. هن چيو ته روانگي واپار جامع بڻائڻ، عالمي منڊين ۾ مصنوعات جي قدر وڌائڻي پوندي، اسان کي نئين منڊين جي ڳولا لاءِ ڪوششون تيز ڪرڻيون پونديون، زراعت، انفارميشن ٽيڪنالاجي، پاڻي ۽ سامونڊي جيوت، ٽيڪسٽائيل جي شعبن ۾ موجود بي پناهه صلاحيت کي استعمال ۾ آڻڻ گهرجي، پاڪستان کي موسمياتي تبديلين جي اثرن خاص طور تي 2022ع جي ٻوڏ سان تباهي کي منهن ڏيڻو پيو، موسمياتي تبديلي جا وڌندڙ خطرا گهٽ ڪرڻ جي لاءِ ماحول دوست ۽ موسمياتي طور تي پائيدار انفراسٽرڪچر ۾ سيڙپڪاري ڪرڻي پوندي، ماحول دوست ۽ صاف توانائي کي نيشنل انرجي مڪس جو بنيادي حصو بڻائڻ جي ضرورت آهي، ماحول دوست توانائي سان اقتصادي ترقي جا موقعا پيدا ٿيندا، جنهن سان توانائي سستي ٿيندي. هن چيو ته پرائمري ۽ سيڪنڊري تعليم جي فراهمي هڪ بنيادي حق آهي، تعليم جي شعبي جي موجوده صورتحال تي سمورين حڪومتن کي سنجيدگي جو مظاهرو ڪرڻو پوندو، تسليم ڪرڻو پوندو ته پاڪستان ۾ ٻارن جو هڪ وڏو انگ اسڪولن کان ٻاهر آهي، اسان جي وڌندڙ آبادي جي ڏس ۾ اسڪول نه ويندڙ ٻارن جو انگ وڌي رهيو آهي، سموريون صوبائي حڪومتون تعليمي شعبي ۾ تبديلي آڻڻ جي لاءِ سڌارن تي ڌيان ڏين، پرائمري ۽ سيڪنڊري تعليم تائين پهچ بهتر بڻائڻ سان گڏ تعليمي معيار پڻ يقيني بڻائڻو پوندو. صدر آصف علي زرداري چيو ته صحت جي شعبي جي نئين سر تعمير، وڏي پئماني تي توسيع جي سخت ضرورت آهي، پرائمري ۽ سيڪنڊري صحت جي بنيادي ڍانچي، انساني وسيلن تي سيڙپڪاري ڪرڻي پوندي، سمورن شهرين جي صحت جي معياري خدمتن تائين پهچ يقيني بڻائڻي پوندي، آمدني جي بحران ۽ غذائي عدم تحفظ جا ڪيترائي سبب آهن، اسان جي آبادي جو هڪ وڏو حصو غربت ۾ وڃي رهيو آهي، ماحولياتي تبديلي جي ڪري عوام جي آمدني ۽ اثاثن تي منفي اثر پيا، زندگي جي ضرورتن جي وڌندڙ قيمتن جي ڪري خاندانن تي دٻاءُ ۾ اضافو ٿيو، ماڻهن جي لاءِ نوڪرين جا موقعا پيدا ڪرڻا پوندا، عوام کي زراعت، چوپائي مال ۽ ننڍي پئماني تي ڪاروبار ۾ سيڙپڪاري جي لاءِ وسيلن تائين پهچ ڏيڻي پوندي. هن چيو ته معاشري جي هٺئين طبقن جي تحفظ، خودمختياري جي لاءِ ڪم ڪندڙ سياسي پس منظر سان تعلق هجڻ تي فخر آهي، شهيد محترمه بينظير ڀٽو عورتن جي حقن جي علمبردار هئي، شهيد بينظير ڀٽو سدائين پاڪستان جي معاشي ۽ سماجي طور تي ڪمزور طبقن جي حقن جي لاءِ ڪم ڪيو، مون کي فخر آهي ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام سڄي ملڪ ۾ لکين عورتن جي امداد ڪري رهيو آهي، بينظير انڪم سپورٽ پروگرام سان عورتن کي مالي امداد، سماجي تحفظ ۽ ننڍي ڪاروبار جي لاءِ سرمايو فراهم ڪيو پيو وڃي. صدر آصف علي زرداري چيو ته خوشي آهي ته غربت جي خاتمي جي پروگرام مان فائدو کڻندڙن جو انگ 90 لک کان وڌي چڪو آهي، بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي نيٽ ورڪ کي وڌيڪ پٺتي پيل عورتن تائين ڦهلائڻ جي ضرورت آهي، اميد آهي ته نئين حڪومت سماجي ۽ معاشي تحفظ جي لاءِ فعال طور تي ڪم ڪندي، ڇوڪرين جي تعليم جي فروغ، صحت، ماءُ ۽ ٻارن جي غذائيت، موت جي شرح گهٽ ڪرڻ جي لاءِ ڪم ڪرڻو پوندو. هن چيو ته دهشتگردي جي لعنت هڪ ڀيرو ٻيهر ڪنڌ کڻي رهي آهي، دهشتگردي سان اسان جي قومي سلامتي، علائقائي امن ۽ خوشحالي کي خطرو آهي، پاڪستان دهشتگردي کي هڪ گڏيل خطرو سمجهي ٿو، دهشتگردي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گڏيل ڪوششن جي ضرورت آهي. هن چيو ته پاڙيسري ملڪن کان دهشتگرد گروهن جو سختي سان نوٽيس وٺڻ جي توقع رکون ٿا، دهشتگرد گروهه اسان جي سيڪيورٽي فورسز ۽ عوام جي خلاف حملن ۾ ملوث آهن، دهشتگرد عنصرن جي خاتمي جي قوم جي عزم جو ورجاءُ ڪريان ٿو، منهنجي گهرواريءَ ۽ ٻه ڀيرا چونڊيل وزيراعظم بينظير ڀٽو شهيد دهشتگردن جو مقابلو ڪندي حياتي ڏني، دهشتگردي جي خاتمي لاءِ اتحاد ۽ تحريڪ پيدا ڪرڻي ۾ ڪڏهن به پٺتي نه رهندس، اسان کي پنهنجي هٿياربند فوج ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن تي فخر آهي، هٿياربند فوج، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن دهشتگردي جي خلاف جنگ، قومي سرحدن جي دفاع ۾ بي پناهه قربانيون ڏنيون. هن چيو ته مشڪل وقت ۾ پاڪستان جو ساٿ ڏيڻ تي ٻين ملڪن خاص طور تي سعودي عرب، گڏيل عرب امارات، چين، ترڪيءَ ۽ قطر جا ٿورا مڃان ٿو، آمريڪا، يورپي يونين ۽ برطانيا اسان جا واپاري پارٽنر رهيا آهن، اميد آهي ته آمريڪا، يورپي يونين ۽ برطانيا سان تعاون ۾ وڌيڪ اضافو ٿيندو، مختلف شعبن ۾ پاڪستان جي اڻٿڪ حمايت تي چين جا دل سان ٿورا مڃان ٿو. هن چيو ته پاڪ – چين پائيدار تزويراتي ۽ سدا بهار دوستي خطي ۾ استحڪام جو بنياد آهي، اسان علائقائي امن، رابطن ۽ خوشحالي جي فروغ ۽ استحڪام کي برقرار رکڻ جا خواهشمند آهيون، چين پاڪستان اقتصادي لنگهه جي تڪميل سميت گڏيل هدفن جي فروغ لاءِ چين سان گڏ ڪم ڪندا رهنداسين. هن چيو ته اسان دشمن عنصرن کي اهم منصوبي کي خطري ۾ وجهڻ، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مضبوط تعلق کي ڪمزور ڪرڻ جي اجازت نه ڏينداسين، چيني ڀائرن ۽ ڀينرن جي سيڪيورٽي يقيني بڻائڻ جي لاءِ سمورا ضروري قدم کڻنداسين. هن چيو ته دنيا جو ڌيان والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي آزادي جي لاءِ جاري جدوجهد ۾ ڪشميرين جي لازوال قربانين طرف ڇڪرائڻ چاهيان ٿو، آرٽيڪل 370 ۽ 35 اي کي ختم ڪرڻ ڪشميري مسلمانن کي پنهنجي ئي وطن ۾ اقليت ۾ بدلائڻ جي ڀارتي حڪمت عملي جو حصو آهي، پاڪستان ڀارت جي هڪ طرفي قدمن کي رد ڪري ٿو، ڀارت کان مطالبو ڪريون ٿا ته 5 آگسٽ 2019ع ۽ ان کانپوءِ کنيل سمورا غيرقانوني قدم واپس وٺي، خودمختياري جو حق حاصل ڪرڻ تائين پاڪستان والاريل ڪشمير جي عوام جي اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت جاري رکندو، گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب تڪرار جو حل ئي ڏکڻ ايشيا ۾ پائيدار امن لاءِ اهم آهي. اي پي پي جي رپورٽ موجب صدر آصف علي زرداري چيو ته پاڪستان کي بيگناهه فلسطينين جي قتل، اسرائيلي فوج پاران وڏي پئماني تي نسل ڪشيءَ تي گهري ڳڻتي آهي، پاڪستان قابض اسرائيلي فوج جي کلي عام ڏاڍ جي شديد مذمت ڪري ٿو. هن چيو ته توهان اسان جي قوم کي درپيش ڪيترن ئي چئلينجز کي ڪاميابي سان منهن ڏئي سگهو ٿا، پنهنجي عوام جي استقامت تي منهنجو يقين پڪو آهي، جڏهن به اسان گڏيل مقصد جي لاءِ متحد ٿياسين، اسان پنهنجي واعدن کي پورو ڪيو، ڄاڻان ٿو ته ملڪ کي پيچيده سماجي، ماحولياتي ۽ معاشي چئلينجز درپيش آهن، اسان جا مسئلا پيچيده ضرور آهن پر انهن جو حل ممڪن آهي، يقين آهي ته اخلاقي ۽ سياسي سرمائي جي ڪري ملڪ کي مسئلن مان ڪڍي سگهون ٿا، اچو هڪ وڌيڪ خوشحال پاڪستان جي لاءِ تعاون ۽ اتفاق راءِ جي سياسي اصولن جو عملي مظاهرو ڪريون، يقين آهي ته هڪ نئين شروعات جي طور تي اسان هڪ مضبوط ۽ خوشحال پاڪستان جي منزل طرف گامزن ٿي سگهون ٿا.