مالي حالت غير مستحڪم ٿي چڪي آهي، مئي جي آخر تائين امدادي آپريشنز لاءِ فنڊ آهن: انروا

جنيوا -27 مارچ (اي پي پي ) گڏيل قومن جي فلسطينين لاءِ رليف اينڊ ورڪس جي حوالي سان اداري ”انروا“ چيو آهي ته اداري جي مالي حالت غير مستحڪم ٿي چڪي آهي، ان وٽ پنهنجا معاملا هلائڻ لاءِ رڳو مئي تائين جا فنڊ آهن. اها ڳالهه انروا جي ڪمشنر جنرل فلپ لازاريني جنيوا ۾ رائٽرز کي انٽرويو دوران چئي. هن چيو ته امدادي ادارن وٽ رڳو مئي جي آخر تائين …

جنيوا -27 مارچ (اي پي پي ) گڏيل قومن جي فلسطينين لاءِ رليف اينڊ ورڪس جي حوالي سان اداري ”انروا“ چيو آهي ته اداري جي مالي حالت غير مستحڪم ٿي چڪي آهي، ان وٽ پنهنجا معاملا هلائڻ لاءِ رڳو مئي تائين جا فنڊ آهن. اها ڳالهه انروا جي ڪمشنر جنرل فلپ لازاريني جنيوا ۾ رائٽرز کي انٽرويو دوران چئي. هن چيو ته امدادي ادارن وٽ رڳو مئي جي آخر تائين ڪم هلائڻ لاءِ فنڊ آهن . انروا کي امدادي ڪاروائين ۾ مشڪلاتون درپيش آهن. واضح رهي ته عطيا ڏيندڙن اسرائيلي الزامن سبب پنهنجا فنڊ روڪي ڇڏيا هئا، جنهن الزام هنيو هو ته انروا جا ڪجهه ملازم اسرائيل تي حماس جي حملي ۾ اداري جي 13000 ملازمن مان 12 تي 7 آڪٽوبر تي اسرائيلي سر زمين تي حملي ۾ ملوث هجڻ جو الزام هنيو .

مزید خبریں