اسرائيل سمورن فلسطينين کي دهشتگرد، دهشتگردن جو همدرد قرار ڏنو آهي: فلسطيني نمائندو

گڏيل قومون-08 نومبر (اي پي پي) گڏيل قومن ۾ فلسطيني رياست جي نائب مستقل نمائندي ماجد باميه چيو آهي ته اسرائيل سمجهي ٿو ته هو غزه ۾ ڪنهن به فلسطيني کي ماري سگهي ٿو، سوشل ميڊيا تي جاري پوسٽ ۾ هن چيو ته اسرائيل جو خيال آهي ته هو غزه ۾ ڪنهن به فسلطيني جو قتل ڪري سگهي ٿو، ڇاڪاڻ ته سمورا فلسطيني دهشتگرد يا دهشتگردن جا همدرد آهن. فلسطيني …

گڏيل قومون-08 نومبر (اي پي پي) گڏيل قومن ۾ فلسطيني رياست جي نائب مستقل نمائندي ماجد باميه چيو آهي ته اسرائيل سمجهي ٿو ته هو غزه ۾ ڪنهن به فلسطيني کي ماري سگهي ٿو، سوشل ميڊيا تي جاري پوسٽ ۾ هن چيو ته اسرائيل جو خيال آهي ته هو غزه ۾ ڪنهن به فسلطيني جو قتل ڪري سگهي ٿو، ڇاڪاڻ ته سمورا فلسطيني دهشتگرد يا دهشتگردن جا همدرد آهن. فلسطيني سفير چيو ته اسرائيل جي ان دليل کي اهو ئي قبول ڪري سگهي ٿو جنهن وٽ نالي ماتر انسانيت، اخلاقيات ۽ قانون جي پاسداري نه هجي. هن چيو ته اسرائيل جي ان دليل کي قبول ڪندڙ اهو ثابت ڪري رهيا آهن ته انهن جو انسانيت ۽ اخلاقيات سان پري پري تائين ڪو واسطو ناهي.