ميلبورن _ 11 آڪٽوبر (اي پي پي ) آسٽريليا ۽ ويسٽ انڊيز جي عورتاڻي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ هڪ ڏينهن واري عالمي ميچن تي ٻڌل سيريز جي ٻين ميچ (اڄ ) خميس ڏينهن تي جنڪشن اوول ، ميلبورن ۾ کيڏي ويندي . ميزبان آسٽريلوي وومين ٽيم کي مهمان ويسٽ انڊين ٽيم خلاف 1-0 جي سرسي حاصل آهي .