اسلام آباد- 03 آڪٽوبر(اي پي پي) آءِ سي سي مينز ورلڊ ڪپ ڪرڪيٽ ٽورنامنٽ جو 13هين ايڊيشن اڄ 5 آڪٽوبر کان ڀارت ۾ شروع ٿيندو، مردن جي ون ڊي ڪرڪيٽ فارميٽ جو عالمي ٽورنامنٽ هر چئن سالن بعد کيڏيو ويندو آهي. 2023ع جي آءِ سي سي مينز ورلڊ ڪپ ٽورنامنٽ ۾ سڄي دنيا جي ڪرڪيٽ جون 10 ٽيمون ٽائٽل حاصل ڪرڻ لاءِ هڪ ٻئي خلاف آمهون سامهون ٿينديون. جنهن جي شروعات اڄ کان ٿيندي ۽ 19 نومبر تي پڄاڻي پهچندي. ميگا ايونٽ ۾ شرڪت ڪندڙ 10 ٽيمن ۾ ميزبان ڀارت، عالمي چيمپئن انگلينڊ، پاڪستان، افغانستان، آسٽريليا، بنگلاديش، نيڌر لينڊ، نيوزيلينڊ، ڏکڻ آفريقا ۽ سريلنڪا شامل آهن. اهي ٽيمون 2023ع ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ ڪواليفائنگ جو عمل پار ڪري پهتيون آهن. ٻه ڀيرا عالمي چيمپئن ويسٽ انڊيز پنهنجي تاريخ ۾ پهرين ڀيرو ميگا ايونٽ مان ٻاهر ٿي وئي آهي. انگلينڊ جي ٽيم ميگا ايونٽ ۾ ٽائٽل جو دفاع ڪندي.عالمي چيمپين 2019ع جي ورلڊ ڪپ جي فائنل ميچ ۾ نيوزيلينڊ جي ٽيم کي شڪست ڏئي ڪرڪيٽ جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو عالمي چيمپين بڻجڻ جو اعزاز هاصل ڪيو هو. ميگا ايونٽ جي ميزباني ڀارت ڪري رهيو آهي. اهو پهريون ڀيرو آهي جو ڪو اڪيلو ملڪ ڀارت ايونٽ جي ميزباني ڪري رهيو آهي. ڀارت ان کان اڳ ننڍي کنڊ جي ٻين ملڪن سان گڏجي عالمي ڪپ جي ميزباني ڪري چڪو آهي. 13 هين آءِ سي سي مينز ورلڊ ڪپ ڪرڪيٽ جون ميچن ڀارت جي مختلف شهرن احمد آباد، بينگلور، چنائي، نئين دهلي، ڌرمشالا، حيدرآباد، ڪولڪته، لکنئو، ممبئ ۽ پوني شامل آهن.