نيويارڪ – 22 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته حڪومتن کان هٽي ڪري اسان کي ڪشمير مسئلي تي عالمي سطح تي پنهنجو موقف پيش ڪندو رهڻ گهرجي، معيشت جي بهتري لاءِ سمورا قدم کنيا پيا وڃن، توانائي جي شعبي ۾ سڌارا آندا پيا وڃن، چين پاڪستان جو پراڻو دوست آهي، ان سان لاڳاپن تي ڪو ٺاهه نٿو ٿي سگهي، اسان سمورن ملڪن سان سٺن لاڳاپن جا خواهشمند آهيون، ڀارت والاريل ڪشمير ۾ ظلم ڪري رهيو آهي، پاڪستان جا آمريڪا سان بهترين لاڳاپا آهن ۽ هو سڀ کان وڏو واپاري حصيدار آهي. پي ٽي وي نيوز سان خصوصي ڳالهه ٻولهه ڪندي نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو ته اسان جي ڪوشش آهي ته پي ٽي وي جي صلاحيت کي وڌايون، گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ تقرير جي بنيادي نقطن ۾ ڪشمير تڪرار تي پاڪستان جي بنيادي موقف کي دنيا آڏو پيش ڪرڻ شامل آهي، ڪشمير جي تڪرار کي عالمي سطح تي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ ڪا به حڪومت هجي ان کي مسلسل ڪوششون ڪرڻ گهرجن، ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڪشمير ۾ اتان جا رهواسي ڀارتي رياستي دهشتگردي جو بهادري سان مقابلو ڪري رهيا آهن، انهن جا حوصلا وڌائڻ جي لاءِ هي فورم اهم آهي، اسان کي جيڪڏهن ڪنهن ٻئي معاملي تي ڳالهه نه به ڪرڻي هجي ته اسان کي ڪشمير جي تڪرار تي ڳالهه ڪرڻ جي لاءِ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي ڪنهن به سيشن مان غيرحاضر نه هجڻ گهرجي. هن چيو ته موسمياتي تبديلي جنهن جو پاڪستان شڪار آهي ان تي به ڳالهه ٿيندي، اسلامو فوبيا سان سڄي دنيا مان پنهنجو وطن ڇڏي آمريڪا يا لاطيني آمريڪا ۾ هجرت ڪندڙن کي مختلف قسم جون مصيبتون درپيش آهن، ان ۾ لباس، طرز زندگي، عقيدو شامل آهن، اهي ماڻهو حق حلال جي روزي ڪمائي پنهنجي گهرڀاتين جو پيٽ پالين ٿا ۽ ملڪ ۾ موجود پنهنجي خاندانن جي ڪفالت به ڪن ٿا، اهي اهڙين مصيبتن کي برداشت نه ٿا ڪري سگهن. نگران وزيراعظم چيو ته اڪثر وقتن تي انهن ماڻهن جو آواز اهڙن فورمن تي نه ٿو پهچي اتي بطور رياستي نمائندي اسان کي پهچ حاصل هجي ٿي ته ان آواز کي انهن فورمن تي پهچائڻ اسان جي اخلاقي، سياسي ۽ آئيني ذميواري ۾ اچي ٿو. حڪومتي سڌارن جي حوالي سان هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پاڪستان جي اقتصادي بحالي جي منصوبي جي حوالي سان به ايس آئي ايف سي جي جوڙجڪ ان جي مقصدن جي حوالي سان پڻ شرڪت ڪندڙن کي آگاهه ڪيو ويندو، ڪوشش ڪنداسين ته مختلف مسئلن کي سامهون رکندي پنهنجي تقرير ۾ انهن جو احاطو ڪيو وڃي. ڊالر جي قدر جي حوالي سان سوال جي جواب ۾ هن چيو ته عالمي مالياتي فنڊ سان ان حوالي سان به ملاقات ۾ ذڪر ٿيو آهي، آءِ ايم ايف جي سربراهه کي ان تي خوشگوار حيرت ٿي ته پهريون ڀيرو ڪنهن حڪومت ان غيرقانوني ڪاروبار تي هٿ وڌو آهي، حڪومت هڪ ٺوس انداز ان تي ڪريڪ ڊائون ڪيو آهي جنهن جي ڪري مارڪيٽ ۾ مصنوعي عدم استحڪام ۾ گهٽتائي آئي، انهن سان ڳالهه ٻولهه دوران اها ڳالهه سامهون آئي ته اهڙا انتظامي معاملا جن ۾ قانوني طور تي پاڪستان کي اهو اختيار آهي ته هو پنهنجي ريگيوليٽري انفورسمنٽ طرف وڃي، ان ۾ ڪڏهن به هن دخل اندازي ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪئي. نگران وزيراعظم چيو ته اهي اسان جي معيشت جي بهترين چاهين ٿا ۽ جيڪو پئسو انهن اسان کي ڏنو آهي اهي ان جو تحفظ چاهين ٿا، اسان بذات خود به ان ڳالهه جو يقين رکون ٿا. هن چيو ته معاشي اقتصادي ايجنڊا جنهن ۾ ٽيڪسيشن، ٽيڪس نيٽ کي وڌائڻ، اوڳاڙين ۾ اضافي، حڪومتي خرچن ۾ گهٽتائي، حڪومتي ڪاٿي کي صحيح ڪرڻ ۽ نجڪاري شامل آهي، توانائي جي شعبي ۾ سڌارا ايجنڊا تي آهن، اهي اسان جي اقتصادي بحالي جي ايجنڊا جو حصو هوندا، ان ايجنڊا تي عالمي مالياتي ادارن کي هڪ اعتماد نظر آيو آهي، انهن پاڪستان جي معيشت جي حوالي سان مثبت اڳڪٿيون پڻ ڪيون آهن. بجلي بلز جي حوالي سان هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اسان جي عالمي مالياتي فنڊ جي سوچ ۾ هڪ جهڙائي ڏٺي وڃي ٿي ته ڪيئن پيڙهيل طبقي کي اهي مراعتون ڏنيون وڃن جنهن سان انهن جي روزاني جي زندگي آسان ٿئي ۽ اهي ماڻهو جيڪي سرنديءَ وارا آهن اهي پنهنجو حصو وجهن ۽ معاشي طور تي پيڙهيل طبقي جي معاشي خوشحالي جي لاءِ قدم تجويز ڪيا وڃن ان ۾ بجلي جا صارفين شامل آهن، ايندڙ ڏينهن ۾ بجلي جا بلز گهٽ هوندا. هن چيو ته توانائي جي شعبي جا سڌارا اهم مسئلو آهي، جيستائين اسان طرف نه وينداسين ٽرانسميشن بابت ادارن جي نجڪاري کانسواءِ اهو ماڊل نه ٿو هلي سگهي ته حڪومت مهانگي بجلي ٺاهي سستي اگهن تي ڏي، ان مان پوءِ ڪجهه بجلي چوري ٿئي ٿي جڏهن ته ڪجهه بدانتظامي جو شڪار ٿئي ٿي ان جي ڪري اسان تي وياج وڌي وڃي ٿو، آئي پي پيز سان معاهدن تحت جيڪڏهن اهي بجلي پيدا ڪن ٿا يا نه ٿا ڪن اسان کي انهن کي ادائيگيون ڪرڻيون هونديون آهن، ان جو ڪو جواز نه آهي، ان سائيڪل ۾ ان رويي سان ايندڙ 50 سال به معيشت کي اٿارڻ جي دعويٰ ڪوڙ آهي، اسان کي پاڻ ۽ ماڻهن سان سچ ڳالهائڻ جي ضرورت آهي، توانائي جي شعبي جا سڌارا ضروري آهن، ان جي اسان شروعات ڪريون ۽ ايندڙ حڪومت ان کي ان جي منطقي انجام تائين پهچائي ته جيئن اهو مسئلو حل ٿئي، ان سان اسان جا گهريلو، ڪمرشل، صنعتي ۽ ٻيا مفاد ڳنڍيل آهن، اهي حل ٿين. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پاڪستان ۾ بدترين ٻوڏ کانپوءِ عالمي ادارن پاران 10 ارب ڊالر جا اعلان ڪيا ويا هئا، ان تي به ڳالهه ٿيندي، اسان ڪوشش ڪنداسين ته انهن واعدن تي عملدرآمد يقيني بڻايو وڃي ته جيئن پاڪستان کي واعدي موجب رقم جي منتقلي ٿئي ۽ ٻوڏ متاثرين تي خرچ ڪري سگهجي، اها رقم بحالي ۽ نئين سر تعمير تي خرچ ٿيندي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته سک اڳواڻ کي ڪئناڊا ۾ ڀارتي ايجنٽن جهڙي طرح قتل ڪيو آهي ڀارت بطور رياست هڪ انسانيت جو قتل ڪيو آهي جنهن جي جيتري به مذمت ڪئي وڃي، گهٽ آهي، اسان ان کي مختلف فورمز تي ضرور اٿارينداسين ۽ ان جو مقصد هندوتوا جي سياسي ايجنڊا جي ڪڌي سازش کان دنيا کي آگاهه ڪرڻ آهي، اهي ڪڌي راند هن خطي ۽ دنيا کي جنگ جي باهه ۾ ڌڪي سگهي ٿي، اسان ان سلسلي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا رهنداسين، هن فورم کانسواءِ به جتي اسان کي موقعو ملندو اسان اهو معاملو اٿاريندا رهنداسين، گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل سان به اسان هندوتوا شدت پسند نظريي تي روشني وڌي آهي، سک اڳواڻ جي قتل جو معاملو اٿاريو، اسان جي صوبي بلوچستان ۾ به قتلام ۾ ڀارت جي رياست سڌوسنئون ملوث آهي، ڪلڀوشن ياديو جي صورت ۾ اسان وٽ ثبوت موجود آهي جنهن کي سگهه سوڌو پڪڙيو ويو، اسان ڀارت جو اهو چهرو ڀوڳي رهيا آهيون، هاڻي اولهه ملڪ به نشانو بڻجي رهيا آهن، اسان طعنو ڏيڻ کان پاسو ڪندي انهن کي آگاهه ڪنداسين ته ان خطري کي پرکين ۽ ان کي روڪڻ جي تياري ڪن. انوارالحق ڪاڪڙ چيو ته دهشتگردي جي چئلينج کي پاڪستان پاڻ منهن ڏيڻ جي صلاحيت رکي ٿو ۽ چڱي ريت منهن ڏئي رهيو آهي، دهشتگردن کي ڪنهن به علائقي ۾ ڊگهي عرصي تائين رهڻ نه ڏنو ويو، ان سان گڏوگڏ افغانستان جي پاڙيسري ملڪن سان به پاڪستان ويجهي رابطي ۾ آهي، اهو نه رڳو پاڪستان پر پوري خطي جي لاءِ خطرو آهي، سڀني کي ان تي خدشا آهن ته اهو ڪنهن به وقت ان طرف موٽي سگهي ٿو، پاڪستان انهن سان تعاون ڪري رهيو آهي ۽ دهشتگردي جي خاتمي لاءِ هڪ پيج تي آهي. هن چيو ته چين جي حوالي سان جيڪا سوچ آهي اها تبديل ٿي رهي آهي، چين جي معاشي ۽ دفاعي ترقي جي حوالي سان ماڻهن جي مختلف راءِ آهي، آمريڪي معاشري ۾ اها سوچ وڌي رهي آهي ته اها چٽاڀيٽي ترقي آهي ان کي منفي يا دشمني قرار ڏيڻ درست نه آهي، ان جي نظر پاڪستان جهڙن ملڪن تي به هوندي ته انهن جو ڪهڙو ڪردار آهي، اهي ڪهڙي بلاڪ طرف ويندا، پاڪستان هڪ خودمختيار ملڪ آهي جنهن جا چين سان انتهائي گهرا لاڳاپا آهن جيڪي آزمايل آهن، اها دوستي هئي ۽ رهندي، پاڪستان چين سان لاڳاپن جي قيمت تي ڪنهن ٻئي سان لاڳاپا قائم نه ڪري سگهي، جيڪڏهن ان حوالي سان ڪنهن جي سوچ آهي ته اهو پاڪستان جي قومي مفادن کي سمجهي نه سگهيو. نگران وزيراعظم چيو ته پاڪستان جا اولهه ۽ آمريڪا سان ڪيترن ئي شعبن ۾ لاڳاپا آهن، آمريڪا پاڪستان جو سڀ کان وڏو واپاري حصيدار آهي، 10 لک پاڪستاني هتي رهن ٿا جيڪي آمريڪا ۽ پاڪستان ۾ ڪردار ادا ڪري رهيا آهن، پاڪستاني شاگردن جي لاءِ بهترين درسگاهون آمريڪا جون آهن، اهي علم حاصل ڪرڻ جي لاءِ انهن يونيورسٽين ۾ اچڻ چاهين ٿا، اسان جمهوري سفر تي گامزن آهيون ۽ اسان چاهينداسين ته اسان آمريڪا جهڙي ترقي يافته ملڪن جي جمهوريتن مان سکون جڏهن ته اسان چين کان دوري اختيار نه ٿا ڪري سگهون. هن چيو ته ڀارت اولهه جي هنج ۾ ويهي چين جي رستي جي رڪاوٽ بڻجڻ چاهي ٿو، ڇا ان جا چين سان واپاري لاڳاپا ختم ٿي چڪا آهن، اولهه کي اهو به ڏسڻو پوندو. چونڊون منعقد ڪرڻ جي حوالي سان اليڪشن ڪميشن جي فيصلي جي آجيان ڪندي هن چيو ته نگران حڪومت کي آئيني ڪم جيڪو ڏنو ويو آهي اها ان حوالي سان اليڪشن ڪميشن سان مڪمل تعاون ڪندي، اها ان جي آئيني ذميواري اهي، هاڻي قياس آرائين جو خاتمو ٿيڻ گهرجي.