لنڊن_14 سيپٽمبر(اي پي پي) انگلش پريميئر ليگ جي 32هين سيزن ۾ دلچسپ مقابلن جو سلسلو انگلينڊ ۾ جاري آهي، اي پي ايل ۾ (سڀاڻي) ڇنڇر 16 سيپٽمبر تي وڌيڪ 07 ميچن جو فيصلو ٿيندو، اهو گڏيل طور تي ٽاپ فلائٽ انگلش فٽ بال جو 125 هون ايڊيشن آهي جنهن جي شيڊول جو اعلان 15 جون 2023 تي ڪيو ويو هو، مانچسٽر جي ٽيم اي پي ايل ۾ پنهنجي اعزاز جو دفاع ڪندي.