اسلام آباد _ 8 جون (اي پي پي ) ايشين نيٽ بال فيڊريشن جي اهتمام هيٺ ايشين يوٿ گرلز نيٽ بال چيمپئن شپ 10 جون کان ڪوريا ۾ شروع ٿيندي . چيمپئن شپ ۾11 ملڪن جو ٽيمون حصو وٺي رهيون آهن جن کي ٻن گروپن ۾ ورهايو ويو آهي . پاڪستان کي گروپ اي ۾ ملائشيا ، هانگ ڪانگ ، ٿائيلينڊ ، ڀارت ۽ جاپان سان رکيو ويو آهي جڏهن ته گروپ بي ۾ سنگاپور ، سريلنڪا ، برونائي ، تائيوان ۽ ڪوريا شامل آهن . پاڪستان پنهنجي پهرين گروپ ميچ جاپان خلاد 10 جون تي ، ٻين ميچ ٿائيلينڊ 11 جون تي ، ٽين ميڇ هانگ ڪانگ خلاف 12 جون تي ، ڇوٿين ميچ ملائشيا خلاف 13 جون تي ۽ پنجين ميچ ڀارت خلاف 14 جون تي کيڏندو . سيمي فائنل مقابلو 16 جون تي جڏهن ته فائنل ۽ پوزيشن ميچون 17 جون تي ٿينديون .