بيجنگ – 02 – نومبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ چين جي قيادت پاڪ چين اقتصادي لنگهه ۽ پاڪ چين دوستي جي خلاف هر قسم جي خطرن ۽ ارادن کي ناڪام بڻائڻ سميت زراعت، کاڻين، آءِ ٽي، سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي شعبن ۾ تعاون، صحت، صنعت ۽ ڊيجيٽل ۽ گرين ڪوريڊر قائم ڪرڻ سميت ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو آهي. جڏهن ته پاڪستان ملڪ ۾ سموري چيني عملي، منصوبن ۽ ادارن جي حفاظت ۽ تحفظ جي لاءِ پنهنجي عزم کي ورجايو آهي. عوامي جمهوريه چين ۽ اسلامي جمهوريه پاڪستان جي وچ ۾ گڏيل پڌرنامي ۾ چيو ويو آهي ته وزيراعظم شهباز شريف پهرين کان 2 نومبر تائين عوامي جمهوريه چين جو سرڪاري دورو ڪيو ۽ وزارت عظميٰ جو منصب سنڀالڻ کانپوءِ وزيراعظم جو چين جو اهو پهريون ٻطرفو دورو هو. دوري دوران وزيراعظم محمد شهباز شريف چين جي صدر شي جن پنگ سان ملاقات ڪئي. وزيراعظم اسٽيٽ ڪائونسل جي وزيراعظم لي ڪي ڪيانگ سان ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ نيشنل پيپلز ڪانگريس جي استينڊنگ ڪميٽي جي چيئرمين ليزان شو سان ملاقات ڪئي. وزيراعظم چين جي ڪميونسٽ پارٽي جي مرڪزي ڪميٽي جي جنرل سيڪريٽري طور ٻيهر چونڊجڻ تي صدر شي جن پنگ کي مبارڪباد ڏني ۽ ان جي قيادت، دانشمندي، ويزن ۽ عوام لاءِ ترقي جي فلسفي، پاڪستان ۽ چين جي لاڳاپن، مسلسل مضبوط بڻائڻ جي لاءِ سندس خدمتن کي ساراهيو. وزيراعظم پاڪستان جي دوري لاءِ صدر شي جن پنگ جي آجيان ڪئي. صدر شي جن پنگ چيو ته هو جلد پاڪستان جو دورو ڪندو. ٻنهي اڳواڻن ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ جي عزم کي ورجايو. وزيراعظم شهباز شريف چين جي ڪميونسٽ پارٽي جي نيشنل ڪانگريس جي 20 هين اجلاس جي ڪامياب پڄاڻي تي نيڪ خواهشن جوا ظهار ڪيو. هن چين جي ترقي، خوشحالي ۽ قومي يڪجهتي جي فروغ لاءِ ڪميونسٽ پارٽي جي مرڪزي ڪردار ۽ ان جي قيادت کي ساراهيو. هن سماجي، اقتصادي ترقي ۾ چين جي ڪاميابي ۽ ڪميونسٽ پارٽي جي قيادت ۾ عالمي سياست جي اصلاح ۽ گورننس جي فلسفي جي لاءِ ڪردار جي واکاڻ ڪئي. چيني اڳواڻن پاڪستان ۽ چين جي دوستي لاءِ وزيراعظم شهباز شريف جي پراڻي عزم کي ورجايو. وزيراعظم شهباز شريف پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ اسٽريٽجڪ تعاون تي ٻڌل حصيداري کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ سڀني لاڳاپن ۾ عملي تعاون کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ پاڪستان جي عزم کي ورجايو. ڌرين ٻطرفن لاڳاپن سان گڏوگڏ علائقائي صورتحال ۽ عالمي سياسي منظرنامي تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ اڀرندڙ عالمي چئلينجن دوران چين ۽ پاڪستان جي وچ ۾ ڀرپور اسٽريٽجڪ تعاون تي ٻڌل حصيداري جي اهميت کي اجاگر ڪيو. ملاقات دوران روايتي گرمجوشي، گڏيل اسٽريٽجڪ اعتماد ۽ خيالن ۾ هم آهنگي ڏٺي وئي. پاڪستان ۽ چين جي اڳواڻن ان ڳالهه کي ورجايو ته چين ۽ پاڪستان جي وچ ۾ ويجها اسٽريٽجڪ لاڳاپا ۽ گهري دوستي وقت جي هر آزمائش تي پوري لٿي آهي. پاڪ چين دوستي ٻنهي ملڪن جي عوام جي تاريخي چونڊ آهي جيڪا ٻنهي ملڪن جي مفادن تي پوري لٿي آهي. چين جي اڳواڻن ان ڳالهه کي ورجايو ته پاڪستان سان لاڳاپن کي سدائين پنهنجي پرڏيهي پاليسي ۾ اولين ترجيح ڏني ويندي. وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پاڪستان ۽ چين جا لاڳاپا پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي جو اهم ٿنڀ آهن ۽ پاڪستاني عوام سدائين ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ويجهي دوستي جي حمايت ڪري ٿي. ٻنهي ڌرين هڪ ٻئي جي بنيادي مفادن بابت معاملن تي پنهنجي گڏيل حمايت کي ورجايو. وزيراعظم ون چائنا پاليسي ۽ تائيوان، ڏکڻ چيني سمنڊ، هانگ ڪانگ، سنڪيانگ ۽ تبت جي مسئلن تي چين جي عزم کي ورجايو. چيني قيادت پاڪستان جي خودمختاري، علائقائي سالميت، سلامتي ۽ ان جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ پنهنجي حمايت کي ورجايو. چيني قيادت پاڪستان ۾ تازي ٻوڏ جي نتيجي ۾ ٿيندڙ جاني ۽ مالي نقصان تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪيو. وزيراعظم شهباز شريف چين جي حڪومت ۽ عوام پاران بروقت ۽ فراخدلاڻي امداد فراهم ڪرڻ تي چين جا ٿورا مڃيا. چين جي امداد ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڀرپور اسٽريٽجڪ تعاون تي ٻڌل واضح عڪاسي ڪري ٿي. وزيراعظم شهباز شريف چيني قيادت کي ٻوڏ کانپوءِ امداد ۽ بحالي جي ڪوششن کان آگاهه ڪيو. چيني قيادت ان مشڪل وقت ۾ پاڪستان جي مدد جاري رکڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. ٻنهي ڌرين پرڏيهي وزيرن جي سطح تي اسٽريٽجڪ ڊائيلاگ جي ٽن ويهڪن جي نتيجي تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ ايندڙ اجلاس 2023ع جي پهرين ڇهه ماهي ۾ اسلام آباد ۾ جلد کان جلد منعقد ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. ٻنهي ڌرين اسٽريٽجڪ رابطا وڌائڻ جي لاءِ ٻطرفي تعاون تي ٻڌل طريقي جي اهم ڪردار جو ذڪر ڪيو ۽ اسلحي تي ڪنٽرول ۽ خاتمي جي لاءِ مشاورت ۽ اسپوڪس پرسنز ڊائيلاگ منقعد ڪرڻ جي آجيان ڪئي. وزيراعظم شهباز شريف بيلٽ اينڊ روڊ انيشي ايٽو جي اعليٰ معيارجي ترقي لاءِ پنهنجي حڪومت جي عزم کي ورجايو ۽ پاڪستان جي اقتصادي ۽ سماجي ترقي جي لاءِ بي اي آر آئي تحت فليگ شپ پراجيڪٽ پاڪستان چين اقتصادي لنگهه جي خصوصيتن کي اجاگر ڪيو. ٻنهي ملڪن جي اڳواڻن 27 آڪٽوبر 2022ع تي سي پيڪ جي گڏيل تعاون ڪميٽي جي 11 هين اجلاس جي انعقاد جو ذڪر ڪيو ۽ ترقي جي رفتار کي جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو. ايم ايل ون کي سي پيڪ فريم ورڪ تحت هڪ اهم منصوبو ۽ پاڪستان جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي لاءِ ان جي اهميت کي تسليم ڪندي ٻنهي اڳواڻن ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته ان تي جلد کان جلد عملدرآمد جي عمل کي اڳتي وڌايو ويندو. جڏهن ته هنن ڪراچي سرڪلر ريلوي کي فعال ڪرڻ تي به اتفاق ڪيو. جڏهن ته سي پيڪ جي اهم منصوبي ۽ عالمي رابطي جي لاءِ گوادر پورٽ جي اهميت کي تسليم ڪندي ٻنهي ڌرين اهم منصوبن کي مڪمل ڪرڻ تي اطمينان جوا ظهار ڪيو ۽ گوادر پورٽ ۽ فري زون جي ٻين لاڳاپيل منصوبن تي اڳڀرائي تي تيز ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. سي پيڪ تحت زراعت، کاڻين، آءِ ٽي، سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي شعبن ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ قيادت اتفاق راءِ موجب ٻنهي ڌرين صحت، صنعت، ڊيجيٽل ۽ گرين ڪوريڊور قائم ڪرڻ ۽ لاڳاپيل شعبن ۾ تعاون وڌائڻ تي اتفاق ڪيو. چيني قيادت شمسي توانائي جي منصوبن تحت قابل تجديد توانائي جي منصوبن لاءِ پاڪستان جي حڪومت جي ڪوششن کي ساراهيو. جنهن ۾ توانائي جي شعبن ۾ گرين گهٽ ڪاربن ۽ ماحولياتي ترقي سان هم آهنگ منصوبا شامل آهن. ان سلسلي ۾ پاڪستان ڪوششن ۾ چيني ڪمپنين جي شرڪت جي حوصلا افزائي جي عزم جو اظهار ڪيو ويو. ٻنهي ڌرين پاڪستان جي صنعتي ترقي جي لاءِ صنعتي تعاون بابت فريم ورڪ معاهدي تي ڀرپور عملدرآمد تي به اتفاق ڪيو. ٻنهي ڌرين سي پيڪ ۽ پاڪ چين دوستي جي خلاف سڀني خطرن ۽ ارادن کي ناڪام بڻائڻ جي لاءِ پنهنجي پڪي عزم کي ورجايو. پاڪستان سموري چيني عملي، منصوبن ۽ ادارن جي حفاظت جي لاءِ پنهنجي عزم کي ورجايو. چيني قيادت ان سلسلي ۾ پاڪستان جي مضبوط عزم ۽ ڀرپور قدمن کي ساراهيو. 2023ع ۾ سي پيڪ جي نمايان ڪاميابين جي ڏهاڪي جي تڪميل بابت ٻنهي ڌرين ٻنهي ملڪن جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ سي پيڪ جي اهميت ۽ ڪردار تي اطمينان جو اظهار ڪيو. گڏيل پڌرنامي ۾ چيو ويو آهي ته سي پيڪ جوائنٽ ورڪنگ گروپ برائي عالمي تعاون ۽ رابطا جي تازي اجلاس سي پيڪ کي هڪ وسيع ۽ جامع پليٽ فارم قرار ڏيندي چيو ته ان ۾ دلچسپي رکندڙ ٽئين ڌر جو سي پيڪ تعاون جو ترجيحي شعبن صنعت، زراعت، آءِ ٽي، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي سميت تيل ۽ گئس ۾ سيڙپڪاري جي موقعن مان فائدو کڻڻ جي آجيان ڪئي. ٻنهي ڌرين پاڪ چين آزاداڻي واپاري معاهدي جي ٻئي مرحلي جي فعال ٿيڻ کانپوءِ ٻطرفي واپاري ماپي ۾ مسلسل اضافي کي نظر ۾ رکندي ٻنهي ڌرين ان معاهدي تحت واپاري لبرلائيزيشن کي وڌائڻ جي لاءِ وڌيڪ هم آهنگي جو عزم ڪيو ۽ شين جي واپار بابت ڪميٽي جو اجلاس جلد گهرائڻ تي اتفاق ڪيو. پڌرنامي ۾ چيو ويو آهي ته چين طرفان برآمد کي وڌائڻ ۾ پاڪستانجي فعال مدد ڪرڻ تي آمادگي ظاهر ڪئي ۽ پاڪستان ۾ معياري شين جنهن ۾ خوراڪ ۽ زرعي مصنوعات شامل آهي، ان جي چيني مارڪيٽ ۾ آجيان ڪئي ويندي. پاڪستان جي برآمدي شعبي ۾ سيڙپڪاري ۽ حوصلا افزائي تي اتفاق ڪيو ويو. جيڪي واپاري ترقي ماڻهن ۾ مددگار ثابت ٿيندا. ٻنهي ڌرين ٻطرفي اقتصادي واپاري تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ جي لاءِ گڏيل اڀياس تي به اتفاق ڪيو. ٻنهي ڌرين خنجراب سرحدي پورٽ تي سهولتون اپ گريڊ ڪرڻ ۽ ڪسٽم ڪليئرنس جي تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ سميت زميني واپار ۽ مٽاسٽا کي مڪمل طور تي فائدو پهچائڻ تي اتفاق ڪيو. هنن ڪيو ٽي اي لاڳو ڪرڻ کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ وڌيڪ ڪم ڪرڻ تي به اتفاق ڪيو جيڪو علائقائي رابطي جو اهم ٿنڀ آهي. پڌرنامي ۾ چيو ويو آهي ته چين جي اي ڪامرس مارڪيٽ جي وڏي سائيز ۽ ٻطرفي واپار کي وڌيڪ هٿي وٺرائڻ جي ان جي صلاحيت کي تسليم ڪندي ٻنهي ڌرين اي ڪامرس تي هڪ مفاهمتي ياداشت تي صحيحن جي آجيان ڪئي ۽ چين جي اي ڪامرس پليٽ فارم تي پاڪستان جو پويلين قائم ڪرڻ جي حمايت ڪئي. ٻنهي ڌرين آن لائين ادائگين جي نظام لاجسٽڪ، ويئر هائوسنگ ۽ ڪسٽمز جي سهولت تي تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ، مائيڪرو، ميڪرو ۽ مڊل درجي جي ادارن جي وچ ۾ تعاون وڌائڻ تي اتفاق ڪيو. پڌرنامي ۾ چيو ويو آهي ته واپار، سيڙپڪاري ۽ اي ڪامرس ۾ چين پاڪستان گڏيل ورڪنگ گروپ ۽ چين پاڪستان غربت جي خاتمي ۽ سماجي ترقي جي فورم جو پهريون اجلاس هن سال منقعد ٿيو ۽ فارماسيوٽيڪل ۾ مٽاسٽا، زرعي ۽ جوتا ٺاهيندڙ صنعتن سان گڏوگڏ غربت ۾ گهٽتائي جي حوالي سان صلاحيتن ۾ اضافي بابت لاڳاپيل ڪورسز جو انعقاد ڪيو ويو. پڌرنامي ۾ چيو ويو آهي ته چين ۾ غربت ۾ گهٽتائي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان سان لاڳاپيل عملي تعاون جاري رکڻ تي تيار آهي. پاڪستان چين طرفان 80 ڪروڙ کان وڌيڪ چيني عوام کي غربت جي سطح مان ڪڍڻ تي ان کي مبارڪباد ڏني. پاڪستان ۾ تازي ٻوڏ سبب بي گهر ٿيندڙ لکين ماڻهن جو حوالو ڏيندي چين بينظير انڪم سپورٽ پروگرام سميت آفت سٽيل علائقن ۾ معيشت جي بحالي ۾ پاڪستان جي حڪومت جي مدد تي اتفاق ڪيو. ٻنهي ڌرين پاڪستاني شاگردن جي چين اچڻ جي لاءِ وڌيڪ سهولتون فراهم ڪرڻجي لاءِ ويجهي رابطي تي اتفاق ڪيو. وزيراعظم شهباز شريف چيني تعليمي ادارن ۾ پاڪستاني شاگردن جي واپسي تي چيني قيادت جا ٿورا مڃيا. ٻنهي ڌرين عوامي سطح تي رابطن، سياحتي تعاون ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ثقافتي مٽاسٽا ۾ نئون تحرڪ پيدا ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. ٻنهي حڪومت جي وچ ۾ ثقافتي تعاون جي معاهدي ۽ ان جي انتظامي پروگرامن جي ڪردار کي ساراهيندي موجوده ايگزيڪيوٽو پروگرام جي 2027ع تائين واڌ جي آجيان ڪئي. ٻنهي ڌرين 2023ع کي پاڪ چين سياحتي مٽاسٽا جي سال طور ملهائڻ ۽ بيجنگ جي پيليس ميوزيم ۾ گنڌارا آرٽ جي نمائش منعقد ڪرڻ جي لاءِ فيصلي جي آجيان ڪئي. گڏيل پڌرنامي ۾ چيو ويو آهي ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ فلائيٽ آپريشن جي آهستي آهستي بحالي جي لاءِ ٻنهي ڌرين اسلام آباد ۽ بيجنگ جي وچ ۾ سڌوسنئون اڏامن جي تعداد ۾ وڌيڪ اضافي تي اتفاق ڪيو. ٻنهي طرفن کان ٻنهي ملڪن جي هٿياربند فوج جي وچ ۾ ويجهي تعاون، اعتماد ۽ رابطي تي اعتماد جو اظهار ڪيو. چين پاڪستان جي وچ ۾ مضبوط اسٽريٽجڪ دفاعي ۽ سيڪيورٽي تعاون کي خطي ۾ امن استحڪام جو هڪ اهم عنصر قرار ڏيندي ٻنهي ڌرين اعليٰ سطحي دورن ۽ مٽاسٽا کي برقرار رکڻ ۽ تربيتي مشقن ۽ فوجي ٽيڪنالاجي جي گڏيل شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. ٻنهي ڌرين دهشتگردي جي سڀني قسمن ۽ شڪلين جي مذمت ڪندي دهشتگردي جي خاتمي جي معاملي کي سياست جي ور چاڙهڻ جي مخالفت ڪئي. چين دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستان جي ڪردار ۽ قربانين جو اعتراف ڪندي عالمي امن ۽ سلامتي کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ ٻنهي ڌرين جي وچ ۾ دهشتگردي جي تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ تي اتفاق ڪيو. پڌرنامي ۾ چيو ويو آهي ته ٻنهي ڌرين ان عزم کي ورجايو ته هڪ پرامن ۽ خوشحال ڏکڻ ايشيا سڀني ڌرين جي گڏيل مفاد ۾ آهي. هن سڀني حل طلب تڪرارن کي مخلصاڻي ڳالهه ٻولهه ذريعي حل ڪرڻ تي زور ڏنو. پاڪستان چين کي والاريل ڪشمير جي صورتحال کان آگاهه ڪيو. چين ان عزم کي ورجايو ته ڪشمير مسئلو تاريخي اڌورو تڪرار آهي جنهن گڏيل قومن جي چارٽر، سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن ۽ ٻطرفي معاهدن جي بنياد تي پرامن طريقي سان حل ڪرڻ گهرجي. افغانستانجي حوالي سان ٻنهي ڌرين اتفاق ڪيو ته هڪ پرامن، خوشحال ۽ جامع افغانستان علائقائي خوشحالي ترقي جي لاءِ بنيادي حيثيت رکي ٿو. هن افغانستان جي 6 پاڙيسري ملڪن جي پرڏيهي وزيرن جي اجلاسن جي نتيجن تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو ته هو ازبڪستان ۾ ٿيندڙ ايندڙ اجلاس جا منتظر آهن. ٻنهي ملڪن عالمي برادري طرفان افغانستان جي مسلسل مدد جي ضرورت تي زور ڏنو، جنهن ۾ افغانستان جي ٻاهرئين ملڪ مالياتي اثاثن کي غيرمنجمند ڪرڻ به شامل آهي. ٻنهي ڌرين افغان عوام جي لاءِ انساني ۽ اقتصادي امداد جاري رکڻ ۽ سي پيڪ جي افغانستان تائين واڌ سميت افغانستان ۾ترقياتي تعاون وڌائڻ تي اتفاق ڪيو. ٻنهي ڌرين گڏيل قومن جي چارٽر جي مقصد ۽ اصولن جي لاءِ پنهنجي وابستگي کي ورجايو ۽ گهڻ رخي آزاد واپاري ۽ ون ون تعاون کي گڏيل طور تي فروغ ڏيڻ تي اتفاق ڪيو. هنن گهڻ رخي فورمن تي پنهنجي ويجهي تعاون تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ اسٽريٽجڪ رابطن ۽ مشاورت کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ جي عزم کي ورجايو. پاڪستان چين طرفان گڏيل گلوبل ڊيولپمينٽ انيشي ايٽو جي حمايت جو اظهار ڪيو. ٻنهي ڌرين ترقي کي قومن جي خوشحالي کي اهم محرڪ طور تي يقيني بڻائڻ جي نشاندهي ڪندي ان ڏس ۾ ملينيم ڊيولپمينٽ گولز حاصل ڪرڻ جي لاءِ جي ڊي آءِ فريم ورڪ ۾ رهي تعاون کي وڌيڪ وڌايو ويندو. چين جي ڊي آءِ جي گروپ آف فرينڊز ۾ اهم ميمبر طور پاڪستان جي شرڪت جي واکاڻ ڪئي ۽ جي ڊي آءِ طور پاڪستان کي ترجيحي حصيدار قرار ڏنو. پاڪستان ۾ چين طرفان پيش ڪيل گلوبل سيڪيورٽي انيشي ايٽو جي حمايت ڪئي جيڪو گڏيل قومن جي چارٽر جي مقصدن ۽ اصولن سان هم آهنگ آهي. ٻنهي ڌرين ان سلسلي ۾ عالمي تعاون جي فروغ تي اتفاق جو اظهار ڪيو. ٻنهي ڌرين ملڪ جي مفادن ۽ خدشن جو جواب ڏيڻ جي لاءِ گڏيل قومن ۾ اتفاق راءِ تي ٻڌل سڌارن جي حمايت ڪئي. پڌرنامي ۾ چيو ويو آهي ته ٻنهي ڌرين شنگهائي تعاون تنظيم جي فريم ورڪ ۾ هم آهنگي ۽ تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي زور ڏنو ۽ سياسي سيڪيورٽي، ڪاروبار، رابطي ۽ عوامي شعبن ۾ ايس سي او جي گهري تعاون تي زور ڏنو ته جيئن علائقائي ملڪن جي گڏيل مفادن کي بهتر طور تي پورو ڪرڻ جي لاءِ ۽ علائقائي امن ۽ استحڪام جي تحفظ، خوشحالي ۽ ترقي کي فروغ ڏيڻ ۽ عالمي نظم ۽ ضبط کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ وڌ کان وڌ تعاون ڪيو وڃي. پڌرنامي ۾ چيو ويو آهي ته ٻنهي ڌرين قابل اطلاق عالمي ذميوارين ۽ قومي حالتن موجب سڀني جي لاءِ انساني حقن کي اڳتي وڌائڻ ۽ انهن جي تحفظ جي لاءِ پنهنجي عزم کي ورجايو. هنن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته انساني حقن جي شعبي ۾ ٻطرفي ۽ گهڻ رخي تعاون کي گڏيل قومن جي چارٽر جي اصولن موجب اڳواڻي ڪرڻ گهرجي جنهن ۾ سياسي آزادي، خودمختياري ۽ رياستن جي اندر معاملن ۾ عدم مداخلت شامل آهي. ٻنهي ڌرين موسمياتي تبديلي کي هڪ وجودي خطري طور تسليم ڪندي موسمياتي تبديلي جي منفي اثرن کي گهٽ ڪرڻ ۽ انهن جي خاتمي لاءِ ٺوس ڪوششن جو بار کنيو آهي. ٻنهي ڌرين يو اين ايف سي سي سي سان گڏوگڏ ان جي پيرس معاهدي جا هدف اصولن ۽ شقن جي لاءِ پنهنجي وابستگي کي ورجايو. ٻنهي ڌرين تسليم ڪيو ته پاڪستان ۾ تازي ٻوڏ جو موسمياتي تبديلي جي منفي اثرن سان گهرو تعلق آهي، جنهن جي لاءِ اسرندڙ ملڪ تمام گهٽ ذميواري کڻن ٿا پر غيرتناسب اثرن جو شڪار آهن. ٻنهي ڌرين ترقي يافته ملڪن تي زور ڏنو ته اهي ان حوالي سان پنهنجي واعدن کي پورو ڪن. ڪاربن خارج ڪرڻ ۾ گهٽتائي ۾ اڳ کان اڳرا رهن ته جيئن اسرندڙ ملڪن لاءِ ترقياتي حقن کي يقيني بڻائي سگهجي ۽ اسرندڙ ملڪن کي مناسب موسمياتي فنانسنگ فراهم ڪئي وڃي. ماحولياتي تبديلين کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پاڪستان جي قدمن ۽ بيلٽ اينڊ روڊ انيشي ايٽو تحت سبز تعاون کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ چين جي قدمن کي ساراهيندي ٻنهي ڌرين ماحولياتي نظام جي بحالي ۽ آبي وسيلن جي انتظام جهڙن شعبن ۾ تعاون وڌائڻ تي اتفاق ڪيو. وزيراعظم شهباز شريف چين جي قيادت ۽ عوام پاران سندس ۽ سندس وفد جي گرمجوشي ۽ فراخدلي سان مهمان نوازي تي ٿورا مڃيا ۽ چين جي مسلسل ترقي، خوشحالي ۽ قومي ٻڌي جي ڀرپور ڪوششن لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. ٻنهي ڌرين اي ڪامرس ڊيجيٽل معيشت، زرعي مصنوعات جي برآمدات، مالياتي تعاون، ثقافتي ملڪيتن جي تحفظ، انفراسٽرڪچر، ٻوڏ کان ڇوٽڪاري، آفتن کانپوءِ نئين سر تعمير جي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون تي روشني وجهندي ڪيترن ئي معاهدن ۽ مفاهمت جي ياداشتن تي صحيحون ڪيون جن ۾ جي ڊي آءِ، جانورن جي بيمارين تي ضابطو آڻڻ، روزگار جا ذريعا، ثقافتي تعاون، خلائي جاگرافيائي سائنس سان گڏوگڏ قانون جو نفاذ ۽ سيڪيورٽي جا شعبا شامل آهن.