اسلام آباد – 26 – آڪٽوبر (اي پي پي) منصوبابندي، ترقي، سڌارن ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير احسن اقبال پاڻي ذخيرن تي ڌيان نه ڏيڻ سان ملڪ جي تباهي طرف وڃڻ جو خدشو ظاهر ڪندي چيو آهي ته پاڪستان ڏکڻ ايشيا ۾ سڀ کان تيزي سان شهري آبادي طرف وڌڻ وارو ملڪ آهي، پاڪستان جو سڀ کان وڏو مسئلو پاڻي جي ذخيرو ڪرڻ جي گهٽ صلاحيت آهي، جيڪڏهن ان طرف ڌيان نه ڏنو ويو ته ملڪ تباهي طرف ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪالهه اربع ڏينهن پاڪستان واٽر ويڪ ڪانفرنس جي پڄاڻي واري سيشن کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته اسان سڀني جو اتفاق آهي ته پاڻي اسان جي زندگي ۾ تمام اهم آهي، پاڪستان هڪ اهڙو ملڪ آهي جتي پاڻي تيزي سان گهٽ ٿي رهيو آهي، جلد پاڪستان پاڻي بحران کي منهن ڏيندڙ ملڪ هوندو. هن چيو ته پاڪستان ڏکڻ ايشيا ۾ سڀ کان تيزي سان شهري آبادي طرف وڌڻ وارو ملڪ آهي، پاڪستان جو سڀ کان وڏو مسئلو پاڻي جي ذخيرو ڪرڻ جي گهٽ صلاحيت آهي، اسان ديامير جهڙن منصوبن تي ڪم شروع ڪيو آهي، اسان 2013ع ۾ ويزن 2025ع لانچ ڪيو هو. هن چيو ته اسان جو ٻيو ويزن 35 – 2025ع جڏهن ته ٽيون ويزن 47 – 2035ع هو. اسان جو مقصد 2025ع تائين دنيا جي 25 وڏين معيشتن ۾ شامل ٿيڻو هو، حڪومت هن ڪانفرنس مان ايندڙ تجويزن تي سنجيدگي سان غور ڪندي، ڪيتريون ئي ڪانفرنسون ٿيون پر ان تي عملدرآمد نه ٿو ٿئي. هن چيو ته اسان پاڪستان واٽر پاليسي تي عملدرآمد ڪنداسين، جيڪڏهن اسان پنهنجي ايندڙ نسل کي صاف پاڻي فراهم نه ڪري سگهياسين ته اها تمام وڏي ناڪامي هوندي، اسان گلوبل وارمنگ ۽ پاڻي جي ذخيرن تي ڌيان نه ڏنو ته پاڪستان تباهي طرف ويندو. اي پي پي/ع – ک/ش – چ 21:51