اسلام آباد – 27 – سيپٽمبر (اي پي پي) سعودي عرب مان پاڪستان جي ٻوڏ متاثرين جي لاءِ امدادي سامان کڻي هڪ ٻيو جهاز ڪراچي پهچي ويو. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب سعودي عرب مان هڪ امدادي اڏام ڪراچي جي جناح انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي لٿي. سعودي عرب مان ٻوڏ سٽيلن جي لاءِ هيستائين 10 اڏامون امدادي سامان کڻي پاڪستان پهتيون آهن. پاڪستان سعودي عرب پاران امداد جي گرمجوشي ۽ ٿورن سان آجيان ڪئي آهي.