APP21-080222 ISLAMABAD: February 08 - President Dr. Arif Alvi and Begum Samina Arif Alvi offering Fateha over the sad demise of Dr. Sania Nishtar's Mother. APP

اسلام آباد – 08 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ۽ بيگم ثمينه عارف علوي وزيراعظم جي خاص مددگار سينيٽر ڊاڪٽر ثانيه نشتر جي گهر ويا ۽ ساڻس والده جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار ڪيو. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ موجب صدر ڊاڪٽر ثانيه نشتر جي والده جي لاڏاڻي تي افسوس ۽ سوڳوار خاندان سان تعزيت جو اظهار ڪيو. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحومه جي روح کي جوار رحمت ۾ جاءِ ڏي ۽ سوڳوار خاندان کي صبر جميل عطا فرمائي.