APP60-151021 ISLAMABAD: October 15 - Federal Minister for Information and Broadcasting, Chaudhary Fawad Hussain addressing during a conference on ‘Misinformation’ organised by Arab News. APP photo by Saeed-ul-Mulk

اسلام آباد – 15 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته هن وقت ميڊيا جو سڀ کان وڏو چئلينج فيڪ نيوز آهي، خبر پکيڙڻ جا ذريعا وڌيڪ هجڻ سان فيڪ نيوز جو مسئلو شروع ٿيو، ڀارت ۾ 785 اهڙيون ويب سائيٽس آهن جيڪي پاڪستان جي خلاف فيڪ نيوز پکيڙي رهيون آهن، ڀارت مينار پاڪستان واقعي کانپوءِ پاڪستاني معاشري تي اجائي تنقيد ڪئي، پهرين دورن ۾ خبر ملڻ مشڪل هو، هاڻي سچي ۽ ڪوڙي خبر ۾ فرق ڪرڻ مشڪل آهي، اظهار راءِ جي آزادي جي حوالي سان عالمي سطح تي قانون ٺاهڻا پوندا، فيڪ نيوز جي باري ۾ ميڊيا جي اندر مباحثو ضروري آهي، خبر ڏيندڙن جي صحيح تربيت هجڻ گهرجي، هڪ ذميدار ميڊيا ئي آزاد ميڊيا هوندو، ميڊيا جيڪڏهن ذميدار نه آهي ته آزاد نه آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن عرب نيوز جي اهتمام هيٺ تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. چوڌري فواد حسين چيو ته اڄ ميڊيا جو سڀ کان وڏو چئلينج فيڪ نيوز آهي، پهرين خبر پکيڙڻ جا ذريعا محدود هئا، ماڻهن کي اصل خبر تائين پهچڻ ۾ وقت لڳندو هو پر هاڻي خبر پکيڙڻ جا ذريعا وڌيڪ ٿي ويا آهن جنهن جي ڪري فيڪ نيوز جو به مسئلو وڌي رهيو آهي. هن چيو ته 1990ع جي ڏهاڪي کانپوءِ انفارميشن ٽيڪنالاجي ۾ انقلاب آيو ته خبر پکيڙڻ جا ذريعا به وڌندا ويا، هاڻي فيڪ نيوز ۽ اصل خبر ۾ توازن پيدا ڪرڻ جو مسئلو درپيش آهي جيڪو موجوده دور ۾ ميڊيا جو سڀ کان وڏو چئلينج آهي، هن چيو ته ميڊيا ۾ فيڪ نيوز جو بحران ٽيڪنالاجي جي ڪري آهي، جهڙي طريقي سان ٽيڪنالاجي وڌي، فيڪ نيوز جي حوالي سان اهميت کي سمجهڻ جي ضرورت ۾ به اضافو ٿيو، وفاقي وزير چيو ته خبر ڏيندڙن جي تربيت ضروري آهي ته جيئن هو اصل ۽ جعلي خبر ۾ فرق ڪري سگهن. چوڌري فواد حسين چيو ته تازو ئي پينڊورا ليڪس جو معاملو سامهون آيو ته سوشل ميڊيا تي پي ٽي وي جي بينر سان هڪ فيڪ نيوز جاري ٿي جنهن ۾ هڪ سياستدان جي صاحبزادي جي آف شور ڪمپنين جو ذڪر ڪيو ويو، اها خبر پرائيويٽ ميڊيا بنا ڪنهن تصديق جي هلائي ڇڏي جيڪا تيزي سان هر جاءِ تي پهتي، هن ٻڌايو ته آمريڪا ۾ صدر اوباما 2013ع ۾ چيو هو ته جديد دور ۾ حڪومتن کي سڀ کان وڏو چئلينج فلو آف انفارميشن جو آهي ڇو ته ان کي پارٽين، حڪومتن ۽ ملڪن جي خلاف استعمال ڪيو ويندو آهي، هن ٻڌايو ته ڀارت غير سياسي واقعن کي سياست جي لاءِ استعمال ڪيو، ڀارت 785 ويب سائيٽس جي ذريعي پاڪستان جي خلاف پروپيگنڊا ڪيو، غلط خبرون هلايون، اهي ويب سائيٽس ڀارت جي سرڪاري نيوز ايجنسي اي اين آءِ سان لنڪ هيون ۽ اها هندستان جي وڏن چئنلز سان لنڪ هئي. انهن جو ڪم صرف پاڪستان جي باري ۾ فيڪ نيوز جنريٽ ڪرڻ هو ۽ هاڻي به اهڙو ئي ڪيو پيو وڃي، هن چيو ته اسلام آباد ۾ نور مقدم ڪيس ۽ لاهور ۾ مينار پاڪستان واقعي جو سياست سان ڪو به لاڳاپو نه هو پر هڪ ڀارتي ويب سائيٽس صرف اهو ٻڌائڻ جي لاءِ ته پاڪستان ۾ عورتون ڪيتريون غير محفوظ آهن، ان تي 175 ويڊيوز تيار ڪيون، انهن واقعن تي لکين ٽوئيٽس ٿيا، سوشل ميڊيا تي خبرون هليون، ڪجهه پاڙيسري ملڪن جي انٽيلي جنس نيٽ ورڪ کان کين سپورٽ ملي، اسان جو پنهنجو ميڊيا به ان ۾ شامل ٿي ويو، هن چيو ته دهلي ۾ ريپ ڪيس ٿيو، هندستان چوڻ شروع ڪري ڇڏيو ته اهو صرف دهلي ۾ نه هر جاءِ تي ٿي رهيو آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته 1996ع ۾ ڀارت ۾ اجيت دوول ڪشمير جي جدوجهد کي انتهاپسندي سان جوڙڻ جي ڪوشش ڪئي، هن هڪ فيڪ واقعو جوڙيو جنهن ۾ ڪجهه غير ملڪي سياحن کي اغوا ڪيو ويو ۽ ان جو الزام ڪشميري حريت پسندن تي لڳايو ويو، ان کانپوءِ هڪ مهم شروع ڪئي وئي جنهن ۾ ڪشمير جي آزادي جي تحريڪ کي اسلامڪ دهشتگرد تنظيمن سان جوڙيو ويو. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چيو ته خبر کي ٽوڙي مروڙي پيش ڪيو وڃي ته اصل ۽ جعلي خبر ۾ فرق ڪرڻ مشڪل ٿي ويندو آهي، ان باري ۾ صحافين جي تربيت هجڻ گهرجي. هن چيو ته جڏهن هو 2018ع ۾ اطلاعات جو وزير بڻيو ته اسان جو ڊجيٽل ميڊيا ايترو مضبوط نه هو، هن ٻڌايو ته هو 2015ع کان پي ٽي آءِ جي سوشل ميڊيا جا معاملا ڏسي رهيو هو، اسان وٽ پي ٽي آءِ ۾ سوشل ميڊيا جا ماڻهو حڪومت کان گهڻا اڳتي هئا، اسان پنهنجي سوشل ميڊيا کي جديد بڻائڻ جو فيصلو ڪيو، هاڻي الحمد الله اسان جي ڊجيٽل ميڊيا ونگ جو مقابلو ڪنهن به عالمي ڊجيٽل ميڊيا سان ڪري سگهجي ٿو. اطلاعات واري وفاقي وزير ٻڌايو ته اسان سرڪاري خابرو اداري اي پي پي کي ڊجيٽل نيوز ايجنسي ۾ تبديل ڪيو، هن ٻڌايو ته افغانستان ۾ تازي بحران جي دوران ڪيتريون ئي متضاد خبرون اچي رهيو هيون، ان وقت کان اسان ڪوشش ڪئي ته قومي ۽ عالمي ميڊيا تي اصل صورتحال کان آگاهه رکيو وڃي، هاڻي به اسان جي اها ئي ڪوشش آهي، هن چيو ته عالمي سطح تي ڪجهه قانون ٺاهڻ جي ضرورت آهي جنهن ۾ اظهار راءِ جي آزادي سان گڏوگڏ ذميداري جو عنصر به شامل هجڻ گهرجي. وفاقي وزير چيو ته آمريڪا ۽ برطانيه سميت يورپي يونين آن لائن سيڪيورٽي رولز متعارف ڪرايا آهن، آمريڪا جي اندر نئين قانونسازي ٿي آهي، اسان کي ان طرف اڳتي وڌڻو پوندو، هن چيو ته ميڊيا جي اندر فيڪ نيوز تي ايترو بحٿ ناهي ٿيندو جيترو ٿيڻ گهرجي. وفاقي وزير چيو ته عرب نيوز ان اهم موضوع جي چونڊ ڪئي آهي جنهن تي ان جو ٿورائتو آهيان. هن چيو ته ميڊيا کي فيڪ نيوز جي چئلينج کي منهن ڏيڻ لاءِ ذميداري جو مظاهرو ڪرڻو پوندو، هڪ ذميدار ميڊيا ئي آزاد ميڊيا هوندو، ميڊيا جيڪڏهن ذميدار ناهي ته آزاد نه آهي. هن چيو ته فيڪ نيوز جي حوالي سان اڃان تائين حڪومت ئي حل سامهون آندا آهن اصل حل ميڊيا جي اندر کان ايندو ته ڪهڙي طرح فيڪ نيوز کي منهن ڏنو وڃي.