APP07-260121 ISLAMABAD: January 26 - Federal Minister for Privatisation, Mohammedmian Soomro and Federal Minister for Industries & Production, Muhammad Hammad Azhar co-chairing an important meeting regarding Pakistan Steel Mills and transaction updates. APP

اسلام آباد -26 جنوري (اي پي پي)نجڪاري واري وفاقي وزير محمد ميان سومرو ۽ صنعتن پيداوار واري وفاقي وزير حماد اظهر جي گڏيل صدارت ۾ رٿيل اجلاس دوران پاڪستان اسٽيل ملز جي بحالي جي قدمن جو جائزو ورتو ويو. اجلاس گذريل ڏينهن وفاقي وزيرن جي صدارت هيٺ منعقد ٿيو جنهن ۾ نجڪاري واري وفاقي سيڪريٽري ايڊيشنل سيڪريٽري انڊسٽريز سميت لاڳاپيل وزارتن جي اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ڳالهائيندي محمد ميان سومرو چيو ته پاڪستان اسٽيل ملز جي بحالي جي عمل جي ڪابينه جي نجڪاري ڪميٽي جي فيصلي جي روشني ۾ڪيو ويندو ۽ پي ايس ايم جي اثاثن پاڪستان اسٽيل ملز جي ذيلي ڪمپني کي ملڪيت جي منتقلي کان سواءِ ٽرانسفر ڪيا ويندا.