APP31-190121 ISLAMABAD: January 19 – Residents Ambassadors-designates of Korea, Nepal, Belarus and non-residents Ambassadors-designates of Ireland, Kosovo, Mali and Sierra Leone presenting their credentials to President Dr. Arif Alvi at Aiwan-e-Sadr. APP

اسلام آباد – 19 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان سڀني دوست ملڪن سان واپار، سيڙپڪاري، دفاع ۽ ثقافتي تعاون وڌائڻ جو خواهشمند آهي، پرڏيهي سيڙپڪارن کي ملڪ جي سيڙپڪار دوست ماحول مان فائدو کڻڻ جيِ ضرورت آهي، عالمي برادري ڀارت کي عالمي قانونن جون خلاف ورزيون روڪڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. اهڙن خيالن جو اظهار هن مختلف ملڪن جي سفيرن سان ملاقات دوران ڪيو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي کي ڪوريا، نيپال، بيلاروس جي رهواسي ۽ آئيرلينڊ، ڪوسوو، مالي ۽ سيراليون جي غير رهائشي نامزد سفيرن سندون پيش ڪيون، سفيرن صدر سان ڌار ڌار ملاقاتون ڪيون ان موقعي تي صدر سفيرن کي مبارڪباد ڏني.