APP34-28 NANKANA SAHIB: October 28 - Prime Minister Imran Khan addressing during the Foundation Stone -Laying Ceremony of Baba Guru Nanak University. APP photo by Rana Imran

ننڪانه صاحب – 28 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته بيشڪ سڀ گڏجي مارچ سميت ڪجهه به ڪري وٺن جيستائين زنده آهيان ڪنهن کي اين آر او نه ملندو، مديني جي رياست ان لاءِ ڪامياب رياست تصور هوندي آهي ڇو ته اتي قانون جي حڪمراني هئي، طبقاتي نظام ۽ مراعت يافته طبقن جي هوندي ملڪ اڳتي نٿو وڌي سگهي، اقامه مني لانڊرنگ جو هڪ طريقو آهي، وزيراعظم چونڊجڻ کانپوءِ پهريون ڀيرو تقرير ۾ چيو هو ته هڪ وقت ايندو جڏهن ملڪ جو سڄو ڪرپٽ مافيا گڏجي ويندو. اهڙن خيالن جو اطهار وزيراعظم عمران خان بابا گرو نانڪ يونيورسٽي جو سنگ بنياد رکڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو.